تهران(م ڊ) اسرائيل جي ايٽمي ٺڪاڻن بابت هزارين دستاويز ايران جي هٿ چڙهي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران اسرائيلي حساس دستاويزن کي قيمتي خزانو قرار ڏيندي دستاويز جلد منظرعام تي آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايراني انٽيليجنس واري وزير اسماعيل خطيب ايراني ميڊيا کي ٻڌايو ته اسرائيل جا مڪمل ايٽمي دستاويز حاصل ڪري ايران منتقل ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن سان اسرائيل جا لاڳاپا ۽ اسرائيلي اسٽريٽجڪ پاورجا انٽيليجنس دستاويز به ان ۾ شامل آهن. ايراني وزير جو چوڻ هو ته اسرائيلي دستاويز حاصل ڪرڻ لاءِ جامع ۽ ڳنڀير آپريشن جو منصوبو جوڙيو ويو هو، دستاويزن جيان انهن کي ايران منتقل ڪرڻ جو طريقو به اهم هو. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي حساس دستاويز تمام جلد منظر تي آڻينداسين. خابرو ايجنسي موجب ان خبر بابت اسرائيل طرفان فوري طور تي ڪو به تبصرو سامهون ناهي آيو.