روم (م ڊ) ايران ۽ آمريڪا جي ايٽمي ڳالهين جو ٻيو دور پڄاڻي تي پهتو. ڳالهيون جاري رکندي ٽيون دور عمان ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. روم ۾ عمان جي سفير جي رهائش گاهه تي آمريڪا ۽ ايران جا وفد الڳ الڳ ڪمرن ۾ ويٺا. عمان جي پرڏيهي وزير پيغام پهچايا. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسان سنجيدگي سان ڳالهين ۾ شريڪ آهيون غيرقانوني پابنديون اعتماد لائق ضمانتن سان هٽائڻيون پونديون. ايران لاءِ ايٽمي ٽيڪنيڪي ڪاميابين جو تحفظ لازمي آهي. ان تي ڳالهيون ممڪن نه آهن. عماني پرڏيهي وزارت موجب ايران کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ، پابندين جي خاتمي ۽ پرامن ايٽمي پروگرام جو حق ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو. هن چيو ته ڳالهين جو اڳيون دور عمان ۾ ٿيندو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڳالهين کي تعميري قرار ڏنو ۽ چيو ته فني ملاقاتن بعد اميد آهي ته ايندڙ هفتي معاهدي جو فيصلو ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين. تمام گهڻي خوش اميدي ۽ گهني مايوسي بدران اسان کي وچون رستوڪڍڻو پوندو.