ايران جو پلاند: قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل حملو، هاڻ امن طرف موٽي سگهون ٿا، اسرائيل به جنگ بند ڪري: ٽرمپ

0
27
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ٻيهر حملا ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي ٻيهر حملا ڪري سگهون ٿا: ٽرمپ

دوحه/تهران/واشنگٽن/تل ابيب(م  ڊ) ايٽمي ٺڪاڻن تي حملن جي پلاند ۾  ايران  قطر، بحرين ۽ ڪويت عراق ۾ آمريڪي اڏن تي ميزائل حملا ڪري ڏنا، آمريڪي اڏن تي ايراني حملن جي خطري  سبب سعودي عرب ۾ سائرن وڄي ويا، نقصان جا فوري اطلاع سامهون نه اچي سگهيا.  آمريڪي ويب سائٽ موجب ايران قطر ۾ آمريڪي اڏن تي 6  ميزائل فائر ڪيا، قطر جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ آسمان ۾ باهه جا شعلا  ڏٺا ويا، جڏهن ته ڌماڪن جا آواز پري پري تائين ٻڌا ويا، رائٽرز موجب قطر  جي گادي واري هنڌ دوحه ۾ ڌماڪو ٻڌو ويو. اسرائيلي عملدارن موجب ايران 6 ميزائل قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي فائر ڪيا.  پرڏيهي خابرو اداري موجب قطر عارضي طور تي سڄي ملڪ ۾ هوائي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪجهه اولهندا سفارتخانا اتي موجود پنهنجي شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. هي قدم ايران طرفان آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي. قطري پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل عملدار ملڪ جي هوائي حدن ۾ هوائي ٽريفڪ عارضي طور معطل ڪريون ٿا. عرا ق ۾ آمريڪا جي عين السد ايئربيس تي هوائي دفاعي نظام فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اتي موجود اهلڪارن کي به بنڪرز  ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي. ايراني خابرو ايجنسي تسنيم موجب آمريڪي اڏن تي ايراني حملن کي آپريشن بشارت فتح جو نالو ڏنو ويو ، ايٽمي ٺڪاڻن جي حملن جي پلاند ۾  ايران خطي ۾ آمريڪا جي اڏن خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. عرب ميڊيا موجب ايراني حملن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. پاسداران انقلاب اڳواڻن حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته قطر ۾ آمريڪي اڏن تي ايترا ميزائل فائر ڪيا جيترا آمريڪا ايٽمي ٺڪاڻن تي ڪيا هئا، قطر جي بچاءَ واري وزارت به ڪنهن به جاني نقصان جي تصديق ڪندي چيو آهي  ته ايراني حملن جي  مذمت ڪريون ٿا، ردعمل جو حق محفوظ رکون ٿا، هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. سي اين اين ٻن آمريڪي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪيترائي ميزائل فائر ٿيا، جاني نقصان جا اطلاع ناهن. قطر جو چوڻ هو ته  اڏو پهرين ئي خالي ڪرايو ويو ڪير به اتي موجود نه هو.  ايران جو چوڻ آهي ته حملن جو مقصد قطر کي نقصان پهچائڻ ناهي، بمباري کان اڳ قطر کي آگاهه ڪيو ويو آهي.  بحرين ۾ خطري جا سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا، گهرو وزارت شهرين کي پرسڪون رهڻ جو چوندي بنڪرز ۾ وڃڻ جو  چيو ويو. هوائي حدون پڻ معطل ڪيون ويون. ايران طرفان قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملن کانپوءِ گڏيل عرب امارات پنهجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون. شام ۽ سعودي عرب ۾ هاءِ الرٽ ڪيو ويو،  ايران جو چوڻ آهي ته خطي ۾ آمريڪي اڏا خطري ۾ آهن، وڌيڪ طاقتور جواب ڏينداسين، جيستائين آمريڪا ۽ اسرائيل ڪارروائيون بند  نه ڪندا حملا جاري رهندا، پوئتي نه هٽنداسين. سعودي عرب به مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران جو حملو عالمي قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي. وائيٽ هائوس حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دوحه ۾ حملي کان  آگاهه آهيون، صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.  آمريڪي صدر ٽرمپ سچويشن روم ۾ اجلاس طلب ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. اجلاس بعد آمريڪي صدر چيو ته ايران ايٽمي ٺڪاڻن تي حملي جو تمام ڪمزور جواب ڏنو هنن 14 ميزائل فائر ڪيا جن مان 13 تباهه ڪيا ويا هڪ نقصان ڏيڻ وارو نه هو ان ڪري ان کي وڃڻ ڏنو ويو. هن چيو ته قطر کانسواءِ ٻئي ڪٿي به حملو نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايران هاڻ امن طرف وڌي سگهي ٿو. اسرائيل به امن طرف وڌي. اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جا ايران جا ٿورا جنهن ڪري وڏو جاني نقصان نه ٿيو، حملي ۾ ڪو به آمريڪي فوجي مارجي نه ويو يا زخمي نه ٿيو. هن قطر جي امير کي به مبارڪون ڏنيون. جڏهن ته قطر جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ايران جو حملو سرپرائز هو. اسان ٽياڪڙي وارو ڪردار جاري رکنداسين. ڪجهه ڪلاڪن بعد عرب امارات هوائي حدون کولي ڇڏيون.

تهران(م ڊ) اسرائيلي فوج ايران جي اوڀر اولهه وارن علائقن ۾ واقع گهٽ ۾ گهٽ 6 هوائي اڏن تي فضائي حملا ڪري 15 جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ايراني فوج صوبي لورستان ۾ جديد اسرائيلي ڊورن ڪيرائي ڇڏيو. ايران اسرائيلي حملن کان پوءِ جوابي ڪارروائي ڪندي اسرائيل تي ميزائل فائر ڪيا آهن جنهن کان پوءِ اسرائيلي شهرن ۾ سائرن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري الجزيره موجب اسرائيلي فوج ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران اسرائيل طرفان ميزائل فائر ڪيا آجن ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته جيئن ئي الرٽ ملي فوري طور تي پناهه وٺي ڇڏيو، دفاعي نظام خطري کي روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب نهاريا، گشر حزيو، حيلا، ميعونا ۽ ميعيليا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ سائرن  وڄڻ جا اطلاع مليا آهن. ڪالهه هڪ واقعي ۾ هڪ ميزائل پنهنجي حدف سان ٽڪرائجي ويو پر سائرن نه وڳا، اسرائيلي فوج جاچ کان پوءِ تصديق ڪئي ته اهو ميزائل ايراني هو، ڪوبه دفاعي ميزائل غلطي سان فائر نه ٿيو آهي.هوڏانهن قطري خابرو اداري موجب ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته سندن حملن ۾ ريموٽ ڪنٽرول جهازن جي ذريعي ايان جي 15 جهازن ۽ هيليڪاپٽرن کي تباهه ڪيو ويو. اهڙن حملن ۾ رن ويز، زمين اندر بنڪرز، هڪ تيل سان ڀريل جهاز ۽ ايراني حڪومت جي استعمال هيٺ ايف 14، ايف 5 ۽ اي ايچ ون جهازن کي نقصان پهتو آهي.اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي فضائيه جي جهازن سندن هوائي اڏن مان اڏام جي صلاحيت ۽ ايراني فوج جي فضائي طاقت جي آپريشن کي متاثر ڪيو آهي. ايراني تسنيم نيوز ايجنسي يزد ۾ پاسداران انقلاب جي  10 اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق پڻ ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن رات دير سان اسرائيل تهران ۾ بمباري ڪري ڏني، جنهن سبب زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.  اسرائيل چيو آهي ته ايران تي سڀ کان وڏو حملو ڪيو ويو آهي تهران تي ميزائل حملا ڪيا ويا. ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي ڊفينس سسٽم اسرائيلي ميزائلن جو پتو لڳائي انهن کي رستي ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ايران سان ڪجهه ڏينهن اندر جنگ بند ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي اسرائيل ايران جو ايٽمي پروگرام ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي پر حڪومت ختم ڪرڻ ۾ناڪام ٿيو آهي. ميڊيا موجب اسرائيل خامنه جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ حمايت جاري رکندو.