تهران/ بيروت/ تل ابيب/ واشنگٽن(م ڊ) ايران حزب الله سربراهه حسن نصرالله ۽ حماس سربراهه اسماعيل هنيه جي شهادت جي پلاند ۾ سخت رد عمل ڏيندي اسرائيل تي نيٺ وڏو حملو ڪري ڏنو، 400 کان وڌيڪ بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا، لبنان مان حزب الله طرفان اسرائيل تي بمباري ڪئي وئي، علائقا ڌماڪن سان گونجي اُٿيا، شديد فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا. فائرنگ ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، والاريل بيت المقدس ۾ ڪيترن ئي ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي ڳنڀير ٿي وئي، الجزيره موجب اسرائيلي فوج ٻڌايو ته ايران ميزائل فائر ڪيا پوري ملڪ سائرن ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، اسرائيلي جنگي ڪابينا هنگامي اجلاس سڏائي ورتو. رام الله مان رپورٽ ڪندي فلسطيني صحافي محمد خيري موجب آسمان ۾ ڪيترائي ميزائل اولهه طرف والاريل بيت المقدس ۽ اسرائيل طرف ويندي ڏٺا، اسرائيلي فوج پنهنجي سمورن شهرين کي محفوظ هنڌ ۽ بنڪرن وڃڻ جو چئي ڇڏيو، ايراني ميزائلن جو هدف اسرائيلي گادي وارو هنڌ تل ابيب هو ۽ فوجي اڏا هئا
اسرائيلين ۾ جنگ جو خوف طاري ٿي ويو، شهري کائڻ پيئڻ وارين شين ۾ ڪٺي ڪرڻ ۾ لڳي ويا، نيتن ياهو پنهنجي ڊنل عوام کي آسرا ڏيڻ ۾ لڳي ويو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي عوام کي چوڪس رهڻ جو چوندي چيو ته اسرائيل جي عوام!! اسان ايران سان جنگ جي حالت ۾ آهيون، آئون توهان کي ٻن شين تي عمل ڪرڻ جو چوان ٿو هڪ ته فوج جي حڪمن تي سختي سان عمل ڪريو ٻيو اتحاد سان رهو. اسرائيل جنگي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. آمريڪي صدر به قومي سلامتي ٽيم جي گڏجاڻي گهرائي ورتي، اسرائيل ۾ سمورن هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن معطل ٿي ويو، آمريڪا جي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي دفاع لاءِ تيار آهيون. اسرائيلي وج چيو آهي ته تهران کي ان حملي جي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي. اسرائيلي فوج ايران تي جوابي حملي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي
اسرائيلي فوج جي ترجمان ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان دفاعي ۽ جارحاڻا ٻنهي لحاظن کان هاءِ الرٽ آهيون، اسان اسرائيلي شهرين جو دفاع ڪنداسين، ايران کي حملي جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، اسان وٽ منصوبا آهن، اسان پنهنجي مرضي جي وقت ۽ هنڌ تي ڪارروائي ڪنداسين، هن چيو ته حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو علم ناهي. اسرائيل فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران جا ڪجهه ميزائل وچ ۽ ڏکڻ اسرائيل تي ڪريا آهن آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز اسرائيلي حڪومت ۽ آمريڪي عملدارن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو هو ته ايران ڪجهه ڪلاڪن ۾ اسرائيل تي ٻيو حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته اسرائيل لبنان تي حملن ۾ حزب الله جي ٻئي ڪمانڊر محمد جعفر قاصر کي بيروت ۾ شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
هوڏانهن ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران ۽ اصفهان جي آسمان تان پروجيڪٽائل ڏٺا ويا، حملي جي منظوري روحاني اڳواڻ آيت الله علي خامنه اي ڏني. ايراني پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيا ويا، تل ابيب ويجهو ٽن فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو اسماعيل هنيه ۽ حسن نصرالله جي شهادت جي پلاند لاءِ حملا ڪيا آهن. ايران جي صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته اسرائيل تي حملو ملڪي مفادن جي دفاع ۾ ڪيو ويو ۽ اهو اسان جي طاقت جو رڳو هڪ حصو آهي. نيتن ياهو ٻڌي وٺي ته ايران ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي
خامنه اي ٽوئيٽ ۾ ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسرائيل کي سخت ۽ ڏکوئيندڙ جواب ملندو. اسان جي 80 سيڪڙو هدفن کي نشانو بڻايو. آمريڪي پرڏيهي ترجمان ميٿيوملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، اسرائيل تي ايران جي حملن جي خبر آهي اسرائيل سان گڏ بيٺا آهيون آمريڪا جا ٺڪاڻا محفوظ آهن. ايران سالن کان دهشتگردن جي مدد ڪري رهيو آهي. جڏهن ته آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته ايران جو حملو ناقابل قبول آهي سڄي دنيا کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي. اسرائيل اثرائتي نموني پنهنجو دفاع ڪيو. آمريڪي بچاءُ کاتي پينٽاگون تصديق ڪئي آهي ته ايران اپريل ۾ اسرائيل تي ڪيل حملي کان ٻيڻ تي وڏو حملو ڪيو آهي