تهران(م ڊ) ايراني پارليامينٽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (I A E A) سان سهڪار معطل ڪرڻ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايراني ميڊيا موجب پارلياماني ڪميٽي آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي رويي تي ان سان سهڪار معطل ڪرڻ جي بل جي منظوري ڏني آهي. پارليامينٽ جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي بابت ڪميٽي جي ترجمان ابراهيم رضائي تصديق ڪئي ته پارليامينٽ جي هڪ ڊگهي اجلاس دوران صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ بل منظور ڪيو ويو. ترجمان چيو ته بل جي حمايت ۾ 222 ووٽ ڏنا ويا، ڪنهن به ان جي مخالفت نه ڪئي، رڳو هڪ ميمبر ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو پران قدم جي حتمي منظوري ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ڏيندي. ايراني ميڊيا موجب ان بل تحت جوهري ٿاڪن جي سيڪيورٽي ضمانت بنا عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي اهلڪارن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي، ايران پنهنجي جوهري سائيٽس تي ڪيمرائون نه لڳائيندو ۽ انسپيڪشن لاءِ عالمي اداري کي رپورٽون به جمع نه ڪرايون وينديون.