واشنگٽن(م ڊ) وائيٽ هائوس ايران تي اسرائيل جي حملي بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ترجمان جوچوڻ آهي ته هو حملي بابت في الحال ڪوبه بيان نٿو ڏئي سگھان. وائيٽ هائوس جي پريس سيڪرٽري جو چوڻ آهي ته امريڪا ان تڪرار کي وڌندي نٿو ڏسڻ چاهي، ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي لاءِ اتحادين ۽ شراڪتدارن سان صلاح مشورا جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا حملا ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهن، ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ گھرجي، امريڪا ان حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي. واضع رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيل طرفان ايران تي حملو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ ايران جو هوائي دفاعي ميزائل سسٽم فعال ٿيو ۽ دفاعي نظام اصفهان فوجي اڏي تي فائر ڪيل ٽنهي ڊورنز کي تباهه ڪيو هو.