دنيا جي نقشي تي جتي هر ڏينهن نوان اتحاد، نيون جنگيون ۽ نيون سازشون جنم وٺي رهيون آهن، اتي اسرائيل جي جديد جنگي حڪمت عملين ۾ پاڪستان جو نالو اچڻ، رڳو هڪ ميڊيا اسٽنٽ ناهي، پر خطي جي نازڪ حالتن جو خطرو ڏيندڙ اھم سگنل پڻ آهي. پاڪستان، جيڪو تاريخي طرح سان فلسطين جي حمايت ڪندي اسرائيل سان ڪڏهن به سفارتي يا واپاري لاڳاپا قائم نه ڪيا آهن، هاڻ ان جي خلاف به جنگ جا ٻول ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. نه رڳو روايتي جنگ، پر سائبر، سفارتي، ميڊيا ۽ پراڪسي جنگ جي صورت ۾ نظر اچي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڀارت اسرائيل جي هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ انٽيليجنس جي سهاري خطي ۾ فوجي برتري حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ آمريڪا پنهنجي عالمي حڪمت عملي تحت ڀارت کي اڳيان ڪري پاڪستان ۽ چين کي دٻاءَ ۾ آڻڻ چاهي ٿو، تڏهن پاڪستان لاءِ فقط فوجي طاقت ڪافي نه آهي. ھڪ وڏي جديد ٽيڪنالاجي جي وسيلن جي تياري به ضروري آھي ۽ خاص طرح بھادر ۽ ڏاهي سياسي قيادت جي به ضرورت آهي، جنھن جو ھڪ مثال شهيد بينظير ڀٽو جي ڪيل فيصلن جو به آھي، جنھن آمريڪا- اسرائيل- ڀارت اتحاد جي حملن کي ڀرپور وقتائتو سياسي جواب ڏيئي، قوم جي بچاءَ لاءِ تاريخي قدم کنيا هئا.
اڄ جڏهن عالمي ميڊيا تي نيتن ياهو پاڪستان کي ايندڙ هدف قرار ڏئي ٿو، ۽ اسرائيلي فوجي ادارا نقشا جاري ڪري خطي جي ملڪن کي “ايراني خطري” جي نالي تي خبردار ڪن ٿا، ته اهو وقت آهي ته پاڪستان جا اڳواڻ جاڳن. ڇا اڄ جي قيادت ان عالمي چڪر، جاسوسي نيٽ ورڪن، ۽ پراڪسي جنگين جي سامهون عوام کي بچائي سگهندي؟ ڇا آمريڪا ۽ اسرائيل جو نئون گيم پلان ايران کان پوءِ پاڪستان جي لتاڙ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي؟ جديد دور ۾ آن لائن ڊيٽا، سرڪاري ويب سائيٽون، ۽ اليڪٽرانڪ انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ عام ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي ملڪن ۾ وري ڪا جنگ لڳي به ته ان جا اثر ڏکڻ ايشيا سميت پوري دنيا تي پوندا. آمريڪا، چين، سعودي عرب، ۽ ترڪي جهڙا ملڪ فوري طور مداخلت ڪندا. دفاعي مبصرن جو چوڻ آهي ته مهينو اڳ ٻنهي ملڪن جي ويڙهه کانپوءِ ايران- اسرائيل جنگ کي ڏٺو وڃي ته اسرائيل ۽ آمريڪا ڀارت ذريعي اڻ سڌيون ڪارروايون ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ آن لائين يا ميڊيا جنگ، پراڪسي جنگ، ڊجيٽلائيز جنگ، سفارتي جنگ شامل آهن. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران کانپوءِ هن خطي ۾ پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ 42 سال اڳ واري پلان تي عمل شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڀارت کي فرنٽ لائين طور استعمال ڪيو ويندو. هن وقت به آمريڪا ۽ اسرائيل هندستان جي فوجي ۽ مالي مدد ڪري رهيا آهن. ان جو مک مقصد پاڪستان سان گڏ چين به آهي. 22 اپريل واري جنگ ۾ چين جهڙي ريت پاڪستان جي فوجي مدد ڪئي، ان کي ڏسندي انهن ٻنهي اتحادين ڀارت کي پير پويان ڪرائي ايران تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. اسرائيل ڀارت کي جديد هٿيار، ڊرونز ۽ انٽيليجنس مدد فراهم ڪري رهيو آهي. ڀارت، آمريڪي- اسرائيلي هٿيارن سان ليس ٿي، خطي ۾ فوجي برتري حاصل ڪري رهيو آهي. عالمي فورمن تي سفارتي- مالي دٻاءُ سان گڏيل محاذ قائم ڪرڻ شامل آهي.
اسرائيلي دفاعي فوج (آءِ ڊي ايف) پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي جنگ جي نئين حڪمت عملي جي حوالي سان انڊيا، پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا جو نقشو شيئر ڪيو آهي، ان نقشي عالمي شهرت ان وقت حاصل ڪئي، جڏهن هندستان جي ماڻهن ان تي احتجاج ڪندي چيو ته اسرائيل والاريل ڪشمير جي ڪيترن علائقن کي پاڪستاني ڪشمير ۾ شامل ڪري ڏيکاريو آهي، ان ڪري يا ته هو اهي نقشا ڊليٽ ڪري يا وري ان تي معافي وٺي. ڪيترن صارفين لکيو آهي ته اسرائيل اترين رياستن کي، نيپال ۽ لداخ کي چين جو حصو ڏيکاريو آهي. آءِ ڊي ايف ان تي معذرت ۽ وضاحت ڪندي چيو آهي ته اسان جو مقصد ايراني ميزائلن جي رينج بابت باخبر ڪرڻ هو ته ايران جا ميزائل افغانستان، پاڪستان، هندستان، چين، سعودي عرب ۽ ايستائين جو يوڪرين تائين پهچڻ جي به صلاحيت رکن ٿا. ان پوسٽ جو نالو هو، “ايران هڪ عالمي خطرو آهي”. 2024 ۾ به اسرائيل اهڙو ئي نقشو جاري ڪيو هو، جنهن تي گوڙ ٿيڻ تي ان کي ڊليٽ ڪيو ويو هو. ان ۾ به والاريل ڪشمير کي پاڪستاني ڪشمير ظاهر ڪيو ويو هو.
اسرائيلي وزير اعظم جو هڪ انٽرويو ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن کي چوندي ڏيکاريو ويو آهي ته، جيڪي به اسلامي ملڪ ايٽمي صلاحيت رکن ٿا، اهي اسان لاءِ خطرو آهن. ايران کانپوءِ پاڪستان جو نمبر اچي سگهي ٿو. Pakistan is next target پر هن جيڪي جملا چيا، اهي هي آهن ته،“The first is called Iran, the second is called Pakistan – or more specifically, a Taliban takeover of Pakistan.” جيڪڏهن فوجي يا طالبان طرز جون انتهاپسند حڪومتون پاڪستان کي حاصل ٿي وڃن ۽ ان تي نيوڪليئر اختيار هجي ته اها صورتحال خطري واري آهي. ميڊيائي جنگ ايتري وڌي وئي جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وضاحت ڪندي چيو ته نيتن ياهو جو پاڪستان کي ٽارگيٽ ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، هن جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، اسان پاڪستان سان گڏ آهيون. ۽ نيتن ياهو کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. عالمي دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪن جا سربراهه اهڙا بيان ٻين ملڪن جو پاڻي ڪڇڻ لاءِ ڏيندا آهن. انهن جي انهن منجهيل بيانن ۾ به ڪا حڪمت عملي هوندي آهي. آمريڪا ايران کي ڳالهين ۾ منجهائي، مهيني جي وارننگ ڏئي، اسرائيل جي پوري مدد ڪري نيتن ياهو کان ايران جي سموري قيادت کي مارائي 200 جنگي جهازن سان ميزائل حملا ڪري تباهي مچائي ڇڏي آهي. ائين وري پاڪستان سان به ٿي سگهي ٿو.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل مرزا اسلم بيگ اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو جي پاڪستان کي ايندڙ نشاني جي ڳالهه ڪرڻ تي چيو آهي ته هن وقت پوري پاڪستاني قوم يهودي جارحيت خلاف متحد آهي، هو فلسطين ۽ ايران تي حملن تي سخت ڪاوڙيل آهن، پر اسان وٽ قيادت جي کوٽ آهي، ان لاءِ اسان کي مضبوط قيادت جي ضرورت آهي. هن شهيد بينظير ڀٽو جو ذڪر ڪندي چيو ته اسرائيل هاڻ نه پر ويهارو سالن کان پاڪستان خلاف به حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي، ان لاءِ ان جا اتحادي هندستان کي هر قسم جي مدد ڏئي رهيا آهن. هي ڪا هاڻ جي ڳالهه ناهي، پر 1990ع ۾ به ان قسم جي حملن جي حڪمت عملي جوڙي وئي هئي، جنهن کي بينظير ڀٽو دليري سان ناڪام بڻايو هو. هن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ان دور ۾ اسان کي خبر ملي ته آمريڪا، اسرائيل ۽ هندستان گڏجي اسان جي ايٽمي اثاثن تي حملا ڪرڻ وارا آهن. اسان جي انٽيليجنس خبر وٺي ڇڏي ته اسرائيلي جهازن اسان جي سرحدي علائقن مان ٿي آزاد ۽ والاريل ڪشمير تائين وڃي اسان جي ايٽمي ۽ فوجي سائيٽس جي جاسوسي ڪئي ۽ حملي جي تياري مڪمل ڪري ورتي. اسان جي ڳجهن ادارن ان وقت وزير اعظم بينظير ڀٽو کي ان معاملي کان آگاهه ڪيو. جنهن تي بينظير فورن پنهنجي سفير کي هندستان موڪلي کين ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان تي حملو ٿيو ته پوءِ اسان ماٺ ڪري نه ويهنداسين ۽ اسان اهو ڪجهه ڪنداسين جو دنيا ڏسندي. ان بعد شهيد بينظير ايف 16 جنگي جهازن لاءِ حڪم ڏنو ته اهي فورن تيار ٿي ماڙي پور مشن تي وڃن ۽ هندستان جا جيترا به ايٽمي ٺڪاڻا آهن، انهن کي فورن تباهه ڪري اچي مون کي رپورٽ ڪريو. اها خبر جڏهن آمريڪا کي پئي ته پاڪستان ته اسان جي اميدن کان وڌي اڳتي نڪري رهيو آهي، واشنگٽن مان رابرٽ گيج فورن ڊڪندو اسلام آباد اچي پهتو. هن وزير اعظم بينظير کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن حملن ۾ اسان جو ڪو به عمل دخل ناهي، اسان ڀارت ۽ اسرائيل کي سمجهائي رهيا آهيون ته هو اهڙي حرڪت نه ڪندا. ان وقت ته هڪ عورت مضبوط ٿي بيٺي هئي، پر هاڻ اها ناهي، ان ڪري اسان کي هن صورتحال ۾ ڏسڻو آهي. هن وقت صورتحال مختلف آهي. ايراني سرحد اسان جي ڀرسان آهي، اسرائيلي ڌمڪي ميڊيا تي رپورٽ ٿي چڪي آهي. اسان جي عوام جا حوصلا بلند پر سرڪاري قيادت زمين جي هيٺين ليول تي بيٺي آهي. ڀارت سان هڪ ٽيلر ٿي چڪو آهي، شايد اهو ٽيسٽ ڪيس هو. هاڻ وڏي جنگ اسان جي در تي اچي بيٺي آهي.
اسرائيل ايران ۾ انٽيليجنس نظام کي مضبوط ڪري انهن جي پوري ايٽمي سائنسي ۽ فوجي قيادت کي مارائي سفارتڪاري واري جنگ ۾ ايٽمي پروگرام جو بهانو بڻائي فوجي ڪارروائي ڪري هاڻ ايران اندر پراڪسي وار ڪرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي. سائبر حملن ۾ پهرين ئي ايران کي تمام گهڻو نقصان ڏنو آهي، دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل هاڻ اهي سڀ شيون هندستان ذريعي ڪرائڻ جي حڪمت عملي شروع ڪئي آهي. ان ڪري ئي صدر ٽرمپ نريندر مودي جي سياسي ساک کي نقصان رسائي دنيا کي ڏيکاريو آهي ته هو پاڪستان سان گڏ آهن. اصل ۾ هو چين کي به سوڙهو ڪرڻ لاءِ اهڙي پلاننگ سان هلي رهيا آهن. ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي پاڪستان سان مسلسل جهيڙي ۾ آهي، بلوچستان ۾ هٿياربندن جي ڀارتي مدد جا ڪيترائي ثبوت به منظر تي اچي چڪا آهن، اسرائيلي ٽيڪنالاجي سان پاڪستان جي ايٽمي اثاثن ۽ فوجي ٺڪاڻن جي نگراني شروع ڪئي آهي. پاڪستان جو پاڻي معاهدو ختم ڪري آمريڪا کان پابنديون هڻائي ڇڏيون آهن.
موساد ايران جيان ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جاسوسي نيٽ ورڪ وارين ڪارروائين ۾ رڌل آهي. ان حوالي سان پاڪستان بابت، انهن جون تياريون ڪهڙي حد تائين پهتل آهن؟ بيشڪ پاڪستان ايٽمي طاقت رکندڙ ۽ فوجي حوالي سان ايران کان گهڻو طاقتور ملڪ آهي، پر سندس انٽليجنس ادارن کي ملڪ جي اندروني مخالفن بدران بين الاقوامي خطرن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. آمريڪا ۽ اسرائيل وٽ شايد اهڙي جديد ٽيڪنالاجي هجي، جنهن جي مدد سان اهي ڪنهن به ملڪ جو نيوڪليئر پروگرام غيرفعال ڪرڻ جي سگھه رکندا هجن. تاريخ شاهد آهي ته عراق، ايران، ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان آمريڪا جو رويو شروعات ۾ تمام گهڻو دوستاڻو هو، پر پوءِ اهي ئي ملڪ کيس “خطرو” لڳڻ لڳا. پاڪستان لاءِ به اهو سبق وٺڻ ضروري آهي، ته آمريڪا جو ساٿ ڪڏهن دوستيءَ ۾ بدلجي ٿو ۽ ڪڏهن دشمنيءَ ۾، ان جو ڪو ڀروسو ناهي.