واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران آمريڪي پابندي جي خاتمي جي بدلي ايٽمي پروگرام تي لچڪ ڏيکارڻ تي راضي ٿي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب ايران آمريڪا ڳالهين جو ٻيو دور مثبت رهيو ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي سربراهي صدر ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف ڪئي جڏهن ته ايران جي وفد جي سربراهي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڪئي. ٽرمپ انتظاميا جي هڪ سينيئر اهلڪار ٻڌايو ته ايران آمريڪا ڳالهيون 4 ڪلاڪن تائين جاري رهيون، جن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي، ڳالهين ۾ وڌيڪ بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي.