ويانا(م ڊ) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي سربراهه ايران طرفان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ترديد ڪري ڇڏي. سربراهه رافيل گروسي جو چوڻ آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو. جاري بيان ۾ هن چيو ته 60 سيڪڙو يورينيم افزوده ڪرڻ تي خدشا آهن پر اسان اهو ڪڏهن به ناهي چيو ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي رهيو آهي.