ايران-اسرائيل ۾ 12 ڏينهن بعد جنگبندي: ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻيهر حملا، ٻنهي ملڪن ڀڃڪڙي ڪئي، خاص طور اسرائيل مان خوش ناهيان: ٽرمپ

0
25
ايران-اسرائيل ۾ 12 ڏينهن بعد جنگبندي: ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻيهر حملا، ٻنهي ملڪن ڀڃڪڙي ڪئي، خاص طور اسرائيل مان خوش ناهيان: ٽرمپ
ايران-اسرائيل ۾ 12 ڏينهن بعد جنگبندي: ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻيهر حملا، ٻنهي ملڪن ڀڃڪڙي ڪئي، خاص طور اسرائيل مان خوش ناهيان: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سندس اعلانيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي، ٻنهي مان خوش ناهيان. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ” منهنجي خيال ۾ انهن ڄاڻي واڻي ائين نه ڪيو، پر مون کي اها ڳالهه نه وڻي ته اسرائيل اڄ صبح حملو ڪيو، مان ڏسندس ته مان کين روڪي سگهان ٿو.“ آمريڪي صدر جو اهو پڻ چيو ” ايران هاڻي ڪڏهن به ٻيهر جوهري صلاحيت حاصل نه ڪري سگهندو.“ صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته منهنجي خيال ۾ (جنگبندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ) هڪ راڪيٽ فائر ٿيو ۽ هاڻ اسرائيل پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، کين صبر ڪرڻ گهرجي.“ سندس چوڻ هو ته کيس گذريل ڏينهن پيش آيل ڪيترائي واقعا پسند نه آيا.هن چيو ته ” مون کي اها ڳالهه نه وڻي ته اسان معاهدو ڪيو ۽ ان کانپوءِ اسرائيل حملا ڪيا کين کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها.“ صدر ٽرمپ گٿن لفظن جو استعمال ڪندي چيو ” هي ٻه ملڪ آهن جيڪي ڊگهي عرصي کان شدت سان وڙهي رهيا آهن ۽ کين خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيا ڪن.“ان کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي هڪ پيغا۾ آمريڪي صدر اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته  ايران تي بمباري نه ڪيو، جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته اها سنگين ڀڃڪڙي هوندي، پنهنجن پائلٽن کي ترت واپس گهرايو.“ صدر ٽرمپ طرفان اِهو بيان اسرائيل پاران ايران تي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو الزام هڻڻ ۽ ٻيهر بمباري جي اعلان کانپوءِ سامهون آيو.

تهران/تل ابيب/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه ڊرامائي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون، صدر ٽرمپ جي بيان کان رڳو هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ئي اسرائيل اعلان ڪيو ته هو آمريڪا جي تجويز ڪيل جنگبندي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ايران اڳ ئي چئي چڪو هو ته جيڪڏهن اسرائيل جنگ روڪيندو ته هو به حملا بند ڪري ڇڏيندو.هاڻ اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايران طرفان ميزائل فائر ڪيا ويا، جن کي اسرائيلي فضائي دفاعي نظام اتر اسرائيل جي مٿان ئي روڪي ورتو. ان بيان کانپوءِ، اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز اعلان ڪيو آهي ته هن اسرائيلي ڊيفينس فورسز (آءِ ڊي ايف) کي ايران پاران مبينا جنگبندي جي ڀڃڪڙي جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ خاص طور تي تهران ۾ ايراني حڪومت کي نشانو بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ان کان اڳ اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي هئي ته ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل جي نشاندهي ڪئي وئي . آءِ ڊي ايف موجب، اسرائيلي فضائي دفاعي نظام خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ ۽ تيار آهي.ان ڏس ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز جي چيف آف جنرل اسٽاف ايال ضمير بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايران پاران جنگبندي جي ”سخت ڀڃڪڙي“ جو جواب ”طاقت سان“ ڏنو ويندو. ٻئي پاسي ايران سختي سان انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف عبدالرحيم موسوي گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران اسرائيل ڏانهن ڪنهن به ميزائل فائر ڪرڻ جي ترديد ڪئي آهي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب اسلامي (آءِ جي آر سي) جي ڪمانڊر ميجر جنرل محمد پاڪپور آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن ٻيهر اڳرائي ڪئي ته ايران طرفان هن ڀيري جواب اڳ کان به وڌيڪ سخت ۽ تباهه ڪندڙ هوندو. ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي ”تسنيم“ موجب، هي چتاءُ اُن ميزائل حملي کانپوءِ سامهون آيو آهي، جيڪو ايران سومر جي شام قطر ۾ آمريڪي فجوجي اڏي العُديد فوجي تي ڪيو. هوڏانهن ايران جنگبندي کانپوءِ ڳالهين تي به راضپو ڏيکاري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته ايران ڳالهين جي ميز تي ايراني عوام جي حقن جي دفاع لاءِ به تيار آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايران ان وقت جنگبندي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو جيستائين اسرائيل طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي نٿي ڪئي وڃي.