ايران، وچ اوڀر ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته ايران طرفان اسرائيل کي ٽارگيٽ بڻائڻ موڪليل ڊرونز ۽ ميزائيلن کي عراق، سعودي عرب، اردن ۽ شام جي حدن ۾ ناڪاره بڻايو ٿو وڃي، انٽرنيشنل ميڊيا جي هينئر تائين جي رپورٽس موجب ايران جي 95 سيڪڙو ڊرونز کي اسرائيل جي حدن ۾ پهچڻ کان اڳ ئي عراق، سعودي عرب، شام ۽ اردن جي حدن ۾ ئي ناڪاره بڻايو ويو آهي، باقي بچيل ڪجهه راڪيٽن، ڊرونز ۽ ميزائيلن کي اسرائيلن جي ٽنهي دفاعي نظامن ناڪاره بڻايو آهي، ايران جا صرف لانگ رينج سپرسانڪ ۽ هائپرسانڪ بيلسٽڪ ميزائيل ئي اسرائيل ۾ حدفن کي نشانو بڻائي سگهيا آهن. ٻئي پاسي جڏهن اسرائيلي جهاز  لڳ ڀڳ 18 سئو ڪلوميٽر ڪراس ڪري ايران ۾ حدفن کي نشانو بڻائين ٿا ته انهن ئي ملڪن ۾ جهازن ۾ ٻيهر فيول ڀريو وڃي ٿو يا انهن کي ري فيول ڪيو وڃي ٿو، اهڙي صورت ۾ جنگي حڪمت عملي تحت ايران لاءِ اهو ڄڻ لازمي ٿي پيو آهي ته اهو وچ اوڀر ۾ آمريڪي، برطانوي ۽ فرانسيسي فوجي اڏن کي نشانو بڻائي.

انگ اکرن ۾ ڏسون ته هن وقت وچ اوڀر ۾ آمريڪا جا 8 مستقل ۽ مجموعي طور 19 فوجي اڏا آهن، جتي 50 هزار کان وڌيڪ فوجي موجود آهن! آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو “العديد” قطر ۾ آهي، جيڪو 1996 ۾ قائم ڪيو ويو، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ان اڏي کي سڌي ريت ڪنٽرول ڪندي آهي، جتي ڏهه هزار فوجي موجود آهن، ان ئي فوجي اڏي تان آمريڪي فوج عراق ۽ افغانستان جي جنگ وڙهي، ڪويت ۾ آمريڪا جا پنج فوجي اڏا آهن، جتي ڏهه هزار کان وڌيڪ فوجي موجود آهن، اهڙي ريت بحرين ۾ آمريڪي بحري فوج جي پنجين فليٽ جو اڏو جتي آمريڪي نيوي جا 4700 اهلڪار موجود آهن، اهڙي ريت عراق ۾  2 هزار، سعودي عرب ۾ 2 هزار ، يو اَي اي ۾ 5 هزار، اردن ۾ 3 هزار،  مصر ۾ 426، ڳاڙهي سمنڊ جي اهم اسٽريٽجڪ لوڪيشن تي موجود آفريڪي ملڪ جِبوتي ۾ 4 هزار، ترڪي ۾ 1700، شام ۾ 900، اسرائيل ۾ 100، لبنان ۾ 76 جڏهن عربي سمنڊ ۾ موجود ايئر ڪرافٽ ڪيريئر تي هڪ هزار ۽ ڀونوچ سمنڊ ۾ اسرائيل ۽ مصر جي سامهون ايئرڪرافٽ ڪيريئرس تي 6 هزار فوجي مقرر آهن.

اهڙي ريت برطانيا جا پڻ وچ اوڀر مختلف فوجي اڏا آهن، جتي مجموعي طور تي چار هزار کان وڌيڪ فوجي مقرر ٿيل آهي، مڊل ايسٽ ۾ برطانيا جو سڀ کان اهم فوجي آڏو بحرين ۾ آهي، جتي برطانوي نيوي جا 600 فوجي موجود آهن، اومان ۾ برطانوي فوج جو جوائنٽ ٽريننگ بيس آهي ۽  اوماني سرحد سان لڳ و لڳ عربي سمنڊ ۾ برطانوي نيوي جو ڊيسٽرائر جهاز پڻ موجود آهي. ان کان علاوه سعودي، قطر، اردن، عراق ۽ ڪويت ۾ پڻ برطانوي فوجي موجود آهن، پر انهن ملڪن ۾ تعداد گهٽ هئڻ سبب برطانوي فوج جا ڪي به اڏا ناهن، پر آمريڪي اڏن کي لانچنگ پيڊ طور استمعال ڪندا آهن، وچ اوڀر ۾ برطانيا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو قبرض ۾ موجود آهي، جتي برطانيا جا اڍائي هزار فوجي مقرر ٿيل آهن.

فرانس به پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي موجودگي رکي آهي، فرانس جو سڀ کان وڏو فوجي  اڏو گڏيل عرب امارتن ۾ آهي، جتي فرانسيسي نيوي ۽ ايئر فورس جا 650 اهلڪار موجود آهن، يو اَي اِي جي ايئر فورس ۾ رافَيل جهاز موجود آهن، انهن هوائي اڏن تي فرانسيسي فوج موجود رهندي آهي.

ان سموري صورتحال کي سامهون رکون ته جيڪڏهن اسرائيل ۽ ايران ۾ جنگ وَڌي ته آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس سڌي ريت ايران خلاف اسرائيل جو ساٿ ڏيندا، ۽ ان صورتحال ۾ ايران، وچ اوڀر ۾ آمريڪي، برطانوي ۽ فرانسيسي اڏن تي حملو ڪري سگهي ٿو. ان کانپوءِ ممڪنه طور اهو ٿي سگهي اهي عرب ملڪ دنيا آڏو چئي سگهن ٿا ته ايران اسان جي ڌرتي تي حملو ڪيو آهي ان لاءِ اسان ايران خلاف جنگ ۾  سندس مخالفن جو ساٿ ڏيندا سين، نتيجي طور ٻاهريون دٻاءُ ۽ اندرين صورتحال ايراني حڪومت جي تختي اونڌي ٿيڻ جي صورت ۾ نتيجو  ڏئي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن چين ڪو اثرائتو ڪردار ادا ڪري ويو ۽ ڪجهه گارنٽيز کڻي آمريڪي اتحاد ۽ ايران وچ ۾ ڪا ڊيل ڪرائي ويو ته وقتي طور ايراني حڪومت ساهه کڻي سگهي ٿي، پر ان ڳالهه جا امڪان تمام گهٽ نظر اچي رهيا آهن. (فيس بوڪ تان ورتل)