بيجنگ(م ڊ) چيني صدر شي جن پنگ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي خاموشي ٽوڙيندي ٻنهي ڌرين کان فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، چيني جي صدر شي جن پنگ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري جنگ تي فوري طور سيز فائر جو مطالبو ڪيو آهي. جنگ ٻئين هفتي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، خطي ۾ امن ضروري ٿي ويو.