ايران- اسرائيل جنگ: ڪوُڙيون خبرون ۽ مصنوعي ذهانت

0
75
ايران- اسرائيل جنگ: ڪوُڙيون خبرون ۽ مصنوعي ذهانت

 ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جغرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ سالن کان وچ اوڀر جي معاملن جو مرڪز رهندي پئي آئي، جيڪا هن وقت هڪ خونخوار جنگ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. اهڙي جنگ، جنهن لاءِ محسوس ٿئي پيو ته گهڻن جا سرَ نيئندي. ايران- اسرائيل ڇڪتاڻ پهرين علائقائي سلامتي، پرڏيهي مداخلتن ۽ نظرياتي اختلافن جي صورت ۾ سامهون ايندي رهي هئي. اڄ جڏهن کليل جنگ جي شڪل ۾ سامهون آهي، تڏهن ساڳئي وقت هڪ ٻي خطرناڪ جنگ به وڙهي پئي وڃي، اها آهي، ڪوُڙين خبرن ذريعي غلط معلومات پکيڙڻ جي جنگ، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت جو ڪردار اهم ٿي ويو آهي. هاڻي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته مصنوعي ذهانت يا اي.آءِ. خاص طور تي Generative اي.آءِ جي ترقي، ڪوڙين خبرن جي ڦهلاءُ کي هڪ ڪنڊ جي نقصان مان ڪنهن به ڳنڀير خطري ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته خبرن جي بازار ۾ سچ جي سڃاڻپ مشڪل کان ناممڪن تائين جو سفر ڪري پئي، جنهن ۾ ڪافي قدر ڪامياب پڻ آهي. نتيجي ۾ دنيا اندر نه رڳو سچ جي سڃاڻپ کي خطرو، پر سفارتڪاري ۽ عالمي امن لاءِ به چئلينج بڻجي چڪو آهي.

ڊجيٽل ميدانِ جنگ:

اڄ جي دور ۾ جنگ صرف بندوقن، توبن، ٽينڪن، هوائي توڻي بحري جنگي جهازن ۽ فوجي محاذن تائين محدود نه رهي آهي. هاڻ اتي ‘سائبر اسپيس’ به هڪ اهم ميدان بڻجي چڪو آهي، جتي ‘بيانيه’ ٺاهيا وڃن ٿا، عوامي راءِ تي سڌي طرح اثر انداز ٿيو وڃي ٿو. حڪمتِ عمليءَ جا مقصد حاصل ڪيا وڃن ٿا. اهڙي جنگ ۾ دنيا ڄاڻي ٿي ته سالن کان برسرِ پيڪار ايران ۽ اسرائيل ٻئي مضبوط سائبر صلاحيتون رکن ٿا، ۽ اي.آءِ انهن جي ڊجيٽل هٿيارن ۾ خطرناڪ واڌارو آڻي چڪو آهي. دنيا جي اتهاس تي نظر ڪبي ته هر دور ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، پر اي.آءِ انهن جي تياريءَ ۽ ڦهلاءُ کي هڪ نئون ۽ انتهائي پيچيده روپ ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻ ڪجهه منٽن ۾ اهڙو مواد تيار ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ڏسڻ ۾ حقيقي لڳي، پر حقيقت کان تمام پري هجي! آهي نه عجب جهڙي ڳالهه!….

اي.آءِ ۽ ڪوڙين خبرن جي تياري:

اي.آءِ جي مدد سان ڪنهن به قسم جي جعلي مواد جي تخليق هاڻي ڏکي ناهي رهي. ‘ڊيپ سيڪ’، ‘چيٽ جي. پي. ٽي’ سميت ڪيترائي ماڊل مارڪيٽ ۾ آسانيءَ سان دستياب آهن، جنهن ۾ انساني انداز ۾ متن، تصويرون ۽ وڊيوز تيار ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي رهيو. ايران- اسرائيل جنگ ۾ ساڳيو ڪم ته هلي پيو، جنهن ۾ مصنوعي ذهانت جي اوزار جو استعمال ڪري سياسي اڳواڻن جا جعلي بيان، تقريرون، ايتري حد تائين جو جنگ جي ميدان جا ڪوڙا نظارا پيدا ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڪوڙئين مٽال موجود ملن ٿا. جيئن، اي.آءِ ذريعي تيار ڪيل ڪوڙا پريس رليز، جيڪي ايئن پيو ڀائنجي ته اسرائيلي يا ايراني اختيارين پاران جاري ڪيا ويا هجن، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿين ٿا ۽ ماڻهن ۾ فوري طور تي خوف، ڪاوڙ يا همدردي جو احساس پيدا ٿيو پوي.

مصنوعي ذهانت جتي ڪوڙين خبرن کي هر پاسي پکيڙي ڇڏيو آهي، اتي ان جي سپورٽ ۾ وڊيوز ميدان ۾ موجود آهن. وڊيوز ٺاهڻ Deep fake ٽيڪنالاجي، جيڪا پڻ اي.آءِ جو ئي هڪ حصو آهي، اهم ڪردار نڀائي ٿي. هن ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي  ڪنهن به شخص جو چهرو ۽ آواز ٻين وڊيوز تي لڳائي، مڪمل طور تي جعلي پر حقيقي لڳندڙ وڊيوز تيار ڪري سگهجن ٿيون. ان جو مثال هي آهي ته ايران- اسرائيل جنگ ۾ ايران جي ميزائل اٽيڪ يا اسرائيل جي هوائي حملي جي جعلي وڊيوز صرف 30 سيڪنڊن اندر هزارين ماڻهن جي ذهني حالت کي بدلائي ڇڏيو. ڪجهه وقت اڳ ڪنهن به وڊيو کي تاريخي طور تي ناقابل ترديد ثبوت سمجهيو ويندو هو، پر اي.آءِ ان تصور کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هاڻي وڊيو تي به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.

سوشل ميڊيا: ڦهلاءُ جو مکيه ذريعو

سوشل ميڊيا ۾ ٽوئيٽر (ايڪس)، فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ وغيره. اهڙا سوشل پليٽ فارم آهن، جيڪي حقيقي طور جعلي خبرن جي فوري ۽ وڏي سطح تي ڦهلاءُ جا مرڪز بڻجي چڪا آهن. اي.آءِ تي هلندڙ بوٽس، جعلي اڪائونٽس ۽ هٿرادو هئش ٽيگ مهم، ايران- اسرائيل جي تڪرار جي حوالي سان عام ٿي چڪيون آهن، جن جو سچ سان پري جو واسطو به ڪونهي. ڪوڙن واقعن جا ڪوڙا منظر، غير تصديق ٿيل انگ اکر ۽ جذباتي بيان لمحن ۾ وائرل ٿيو وڃن. انهن جو بنيادي مقصد مقصد عالمي راءِ کي متاثر ڪرڻ، ساٿارين کي همٿائڻ، ۽ مخالفن کي مايوس ڪرڻ ئي هوندو آهي. اهڙي طرح سوشل ميڊيا جا پنهنجا اي.آءِ الگورٿم به سنجيده مسئلو بڻجي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته  اُهي سنسني خيز ۽ جذباتي مواد کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪو گهڻو ڪري جعلي ئي هوندو آهي.

هڪ مثال: سال ۾ 2024 ۾ هڪ ‘فالس فليگ’ وڊيو وائرل ٿي وئي. جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪهڙي ريت اسرائيلي ڪمانڊوز شام ۾ انساني امدادي قافلي تي حملو ڪري رهيا آهن. وڊيو جي تحقيقات کان پوءِ معلوم ٿيو ته اهو ‘ڊيپ فيڪ’ هو. ان وڊيو لاءِ بعد ۾ خبر پئي ته اوڀر يورپ مان جعلي اڪائونٽن جي نيٽورڪ ذريعي ڦهلائي وئي آهي. اها وڊيو، ڪيترائي ڪلاڪ سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي گردش ڪندي رهي. تان جو خبر پئي ته اها وڊيو جعلي آهي. ڪجهه ڪلاڪن لاءِ اسرائيل خلاف نفرت، همدرديءَ ۾ تبديل ٿي وئي، ان جي دوران اسرائيلي فوج الائي ڪيتران مظلوم فلسطينين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرايا، جيڪا حقيقي وڊيو وري ڪنهن کي ملي ئي ڪونه… اصل ۾ اهي ڪوڙيون خبرون لامحاله طور ظالم کي ئي فائدو رسائين ٿيون. اهڙي طرح هن وقت به هلندڙ جنگ دوران ٻنهي ملڪن جو انگريزي ۽ عربيءَ ۾ ڪيتريون ئي جعلي نيوز ويب سائيٽون موجود آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن جي ‘بيانيي’ کي تقويت ڏين پيون. هي ويب سائيٽون ڏسڻ ۾ بلڪل اصل جهڙيون لڳن ٿيون، جن تي نقلي ليکڪن جا تفصيل، پروفيشنل ترتيب جي انداز ۾ پيش ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان ڪيترائي بااثر ۽ سنجيده ماڻهو پڻ اڻڄاڻائيءَ ۾ اهي خبرون شيئر ڪري رهيا آهن. ان ڪري ئي چيو وڃي ٿو ته اي.آءِ ذريعي تيار ڪيل جعلي خبرون صرف ڪوڙ نه پر هڪ نفسياتي هٿيار آهن، جيڪي وڏي پئماني تي ايران-اسرائيل جنگ ۾ استعمال ڪيو پيون وڃن. ان حوالي سان هي جعلي يا ڪوڙيون خبرون هيٺيان ڪم ڪن پيون:

* عام ماڻهن کان حڪومتن تي اثر انداز ٿيڻ

* فوجي مداخلت لاءِ رايا جوڙڻ يا روڪڻ

* عوام جو پنهنجي رهنمائن تي اعتماد گهٽائڻ

* ملڪن ۾ فرقيوار فسادن کي ڀڙڪائڻ

ان لاءِ هڪ ڀيرو به جيڪڏهن تاثر قائم ٿي وڃي، ته پوءِ ان کي درست ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. اي.آءِ اهو ٽوُل آهي، جيڪو مخالفن کي اهو موقعو ڏئي ٿو ته اهي اڳواٽ ئي روايتي ميڊيا يا انٽيليجنس ادارن کان اڳ پنهنجو ‘ڪوڙ’ وڪرو ڪري ڇڏين. نتيجي ۾ اي.آءِ جي وڌندڙ مداخلت سان نوان اخلاقي ۽ قانوني سوال جنم وٺن ٿا. مثال طور: ڇا حڪومتن کي اي.آءِ جي تيار ڪيل مواد تي پابنديون لاڳو ڪرڻ گهرجن؟ اظهار جي آزادي ۽ ڪوڙ کان بچاءُ جي وچ ۾ توازن ڪيئن رکجي؟ ڇو جو  اي.آءِ جي مدد سان تيار ٿيل جعلي خبرن جو سراغ لڳائڻ مشڪل ٿيو پوي. اهو هن طرح جو هڪ وڊيو، هڪ ملڪ ۾ ٺهي ٿي. ٻئي ديس جي انٽرنيٽ سَرور تي لوڊ ٿي، ٽئين ملڪ ۾ موجود بوٽس معرفت پکڙجي وڃي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ذميدارين جو تعين ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي. ان سلسلي ۾ ٽيڪنالاجيءَ کان مدد ته ورتي پئي وڃي، ڪافي ڪمپنيون ڪم ڪن پيون، پر اي.آءِ جي ترقي جي رفتار ‘پَڪڙ’ جي اسپيڊ کان تيز آهي.

ڇا ڪرڻ گهرجي؟

اي.آءِ ذريعي ڪوڙين خبرن جي خلاف تحفظ لاءِ گڏيل ۽ وسيع حڪمت عملين جي ضرورت آهي. جهڙوڪ:

* اي.آءِ تي ٻڌل Detection System: جعلي مواد جي سڃاڻپ لاءِ نوان مشيني اوزار

* عوامي شعور وڌائڻ: جعلي خبرن جي سڃاڻپ بابت آگاهي مهم

* بين الاقوامي سهڪار: ملڪن وچ ۾ قانوني ۽ فني سطح تي تعاون

* تعليمي نظام ۾ ميڊيائي پروڙ: اسڪولن ۽ يونيورسٽين  جي نصاب ۾ ميڊيا لٽريسي کي حصو بڻائڻ

* ضابطا: سياسي ۽ جنگي مواد لاءِاي.آءِ.جي استعمال تي واضح پاليسيون جوڙڻ

نتيجو:

ايران ۽ اسرائيل جي جنگ ثابت ڪيو آهي ته جديد هٿيارن کان اڳ، ڄاڻ ۽ تاثر جي جنگ ماڻهن جي دماغن کي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اي.آءِ جي بي تحاشه واڌاري سان، سچُ، اعتبار، ۽ امن خطري ۾ اچي ويا آهن. جعلي خبرن جو ڦهلاءُ، ۽ راءِ تي ڪنٽرول لاءِ اي.آءِ جو هٿيار طور استعمال، نه صرف صحافت لاءِ خطرو آهي، پر عالمي سلامتي لاءِ به سنجيده چئلينج آهي. ان خلاف جدوجهد لاءِ گُهُر آهي ته عالمي سطح تي ويجهي تعاون، جديد اوزار، تعليم، ۽ سچ جي اصولن جي واڌاري تي ڌيان ڏنو وڃي. جنگ ته هر صورت خراب آهي ئي پر هن دور ۾، لفظن جي جنگ کٽڻ، ميدان تي ڪاميابي کان به وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪا پوءِ وڌيڪ خونريزيءَ جو سبب بڻجي رهي آهي.