
تل ابيب/تهران/لنڊن(م ڊ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ٽئين ڏينهن به جنگ جاري رهي، ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي راڄڌانين تي ميزائيلن جي برسات ڪري ڇڏي، اسرائيل ايران جي پرڏيهي وزارت تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جي عمارت ۽ امام رضا جي روضي جي ڀرسان به حملا ڪيا آهن. وڌيڪ 10 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، مارجي ويل اسرائيلين جو انگ 14 ٿي ويو آهي. ايران جا جنگي جهاز اسرائيل جي حدن ۾ به داخل ٿي ويا جڏهن ته ڪيئي ايرانين جي به شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن. اسرائيلي حملن ۾ شهيد ايرانين جو انگ 128 ٿي ويو آهي. اسرائيل ايران جي روحاني اڳواڻ علي خامنه اي کي نشانو بڻائڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر اهڙي ڪنهن به منصوبي کي رد ڪيو آهي. اسرائيل ۽ ايران جي جنگ ڪيترائي هفتا هلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. عالمي ميڊيا موجب وچ اوڀر ۾ جنگ جا ڪڪر اڃا به گهرا ٿي ويا آهن ۽ ايران ۽ اسرائيل هڪ ٻئي تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه جاري جنگ جي ٽئين ڏينهن تي به هڪٻئي تي حملا ڪيا ويا. ايران آچر جي ڏينهن صبح جو هڪ دفعو ٻيهر اسرائيل تي وڏو حملو ڪيو. ايراني ميڊيا موجب ميزائلن جي حملي کان پوءِ تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ سائرن وڄائي شهرين کي خبردار ڪري بنڪرن ۾ لڪڻ جو حڪم ڏنو ويو. ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙيل رهيو. اسرائيل جي شهر تل ابيب ۾ ڪيترائي ميزائل ڪريا ۽ ڌماڪن کان پوءِ دونهون نڪرندو رهيو. ميزائل حملن ۾ اسرائيلي ايٽمي ٺڪاڻي ڊيموٽا کي به نشانو بنايو ويو. حملي دوران اسرائيل جون ڪيتريون ئي گهڻ ماڙ عمارتون به تباهه ٿي پٽ پئجي ويون. مختلف علائقن ۾ تباهي جا منظر آهن. ٻئي طرف اسرائيل ايراني حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي اترين حصي ۾ ايران جا جنگي جهاز ڏٺا ويا آهن. ايراني سرڪاري ٽي وي موجب 100 کان وڌيڪ سپر سونڪ بيلسٽڪ ميزائل اسرائيل تي فائر ڪيا ويا. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انهي حملي ۾ هڪ عورت سميت 3 فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته گڏيل طور تي مارجي ويلن جو انگ 10 ٿي ويو آهي، 200 کان وڌيڪ زخمي آهن، اسرائيلي ميڊيا موجب ايراني حملن کان پوءِ 35 شهري گم به ٿي ويا آهن. ايراني ميڊيا سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيل تي عماد، غدر ۽ خيبر شڪن ميزائل جو استعمال ڪيو ويو. ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته حيفه ۾ اسرائيل جو هڪ ٻيو وڏو آئل ڊپو تباهه ٿي ويو آهي. هوڏانهن اسرائيلي حڪومت ملڪ ۾ ايمرجنسي 30 جون تائين وڌائي ڇڏي آهي. هوڏانهن اسرائيل وري ايران جي راڄڌاني تهران ۽ ٻين شهرن تي نوان حملا ڪيا. تهران ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا. اسرائيلي ايئر فورس تهران ۾ ڪيترن ئي فوجي هدفن کي نشانو بنايو آهي. اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين شهيد ٿيل ايراني شهرين جو انگ 128 ٿي ويو آهي جڏهن ته 900 زخمي آهن. اسرائيلي اختيارين اشارو ڏنو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي تي حملي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي حڪومت جي هڪ سينئر عهديدار چيو آهي ته ايران جي اعليٰ قيادت کي نشانو بنائڻ جي سمورن آپشن تي غور ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اسرائيلي فوج جي ترجمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان اهو نٿا ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته آيت الله خامنائي اسان جو نشانو آهي. ٻئي طرف سي اين اين موجب آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جو خامنه اي کي شهيد ڪرڻ جو منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج موجب 50 جهازن ذريعي 170 ايراني ملٽري هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته تهران ۾ پاسداران انقلاب ۽ ايراني دفاعي نظام سان جڙيل هدفن کي به نشانو بڻايو. تهران ۾ هٿيار ٺاهيندڙ انڊرگرائونڊ فيڪٽري تي به حملو ڪيو ويو پر ان کي پهتل نقصان جا تفصيل نه مليا آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته تهران جي وچئين علائقي ۾ ايراني پارليامينٽ جي عمارت ڀرسان ڌماڪن کانپوءِ باهه لڳي وئي، جڏهن ته تهران جي شاهراهه طالقاني ۽ ولي عصر ميدان ڀرسان علائقن ۾ ڌماڪا ٿيا. عرب ميڊيا موجب تهران ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. جڏهن ته امام علي رضا جي روضي ڀرسان به اسرائيلي ميزائل ڪريا جنهن ۾ به جاني نقصان جا اطلاع آهن. شيراز شهر ۾ به اسرائيل حملا ڪيا. تهران ۾ پرڏيهي آفيس جي عمارت تي به حملو ڪيو ويو آهي جنهن مان دونهون اٿي رهيو آهي. ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي ايران سان جنگ ڏينهن تائين نه هفتن تائين جاري رهي سگهي ٿي. اسرائيلي وزيراعظم پاران تهران ۾ پاسداران انقلاب هيڊڪوارٽرز تي حملي جي دعويٰ ڪئي وئي، اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته ايران جي جوهري پروگرام کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، نطنز، اصفهان ۾ ايراني جوهري هنڌن تي حملن جوهري پروگرام کي تباهه ڪيو، ايران کي جوهري هٿيار رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسان جو هدف ايران جا فوجي اڏا ۽ جوهري هنڌ آهن، اسرائيلي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي انٽيليجنس چيف جنرل ڪاظمي نائب حسن حقق سميت شهيد ٿي ويو، اسرائيلي وزيراعظم چيو ته اسان کي جيڪو ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي اهو ڪندا آهيون ۽ اڳتي به ڪنداسين، آمريڪا ڄاڻي ٿو ته ان لاءِ ڇا بهتر آهي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته ايران ۾ رجيم چينج اسرائيلي فوجي حملن جي نتيجي ۾ اچي سگهي ٿي، تهران کان اسرائيل جي وجود کي خطري جي خاتمي تائين جيڪو ضروري هوندو اهو ڪنداسين، ايران کان هڪ جوهري ۽ ٻيو بيلسٽڪ ميزائل جو خطرو آهي، اسان رڳو پنهنجي لاءِ نه پر دنيا کي بچائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آهي، اسرائيل جي حملن بعد ايران وڏو جوابي حملا ڪيو، وڌيڪ 30 ميزائل حملا ڪيا، رافيل ملٽري ڪمپني کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو،اسرائيلي ميڊيا موجب حيفه ۾ ايراني حملن ۾ 4 اسرائيلي زخمي ٿيا، 2 عمارتون تباهه ٿي ويون، ايران اسرائيل تي هائپر سانڪ ميزائلن سان نوان حملا ڪيا، ايراني حملن بعد يروشلم، تل ابيب، حيفه ۾ ڌماڪا ٿيا، ايران هائپر سونڪ ميزائل حملن سان اسرائيلي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو، حيفه ۾ بندرگاهه ويجهو ميزائل ڪريو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، حيفه ۽ تل ابيب ۾ ميزائل ڪرڻ بعد ڌماڪا ٿيا، هڪ ميزائل تل ابيب جي مشرق ۾ عمارت کي لڳو، جنهن بعد باهه لڳي وئي، ايراني حملن بعد اسرائيل ۾ سائرن وڄايا ويا، ايراني فوج چيو ته اسرائيل ۾ حساس هدفن کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، ايراني ميڊيا موجب اسرائيل تهران ۾ هڪ رهائشي عمارت تي حملو ڪيو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي عراقي وزيراعظم شياع السوداني سان ٽيليفونڪ گفتگو ٿي، جنهن ۾ هن چيو ته جنگ اسان شروع ناهي ڪئي پر طاقتور جواب ڏينداسين. اسرائيل کي وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ جواب ڏنو ويندو. عراقي وزيراعظم سان گفتگو ڪندي سندس چوڻ هو ته اسرائيل خلاف بيهڻ سڀني مسلم ملڪن جي ذميواري آهي، اسرائيل کي نه روڪيو ويو ته خطي جي ٻين ملڪن تي به جارحيت ڪندو. هن چيو ته اسرائيل حملا نه ڪري ته اسان به حملا روڪي ڇڏينداسين. جيڪڏهن اسرائيل حملا جاري رکيا ته اسرائيل کي تمام سخت ۽ وڌيڪ شديد جواب جي اميد رکڻ گهرجي. هن چيو ته ايران هي تڪرار شروع نه ڪيو آهي پر مضبوطي سان جواب ڏنو آهي.