شھدادڪوٽ (رپورٽ: اميرعلي مڱڻهار) بلوچستان ۾ ايران کان ايندڙ ڊيزل ۽ پئٽرول سان ڀريل ھزارين گاڏيون بارڊر ايريا جي جبل ۾ ڦاٿل آهن جڏھن ته ايران اسرائيل جي جنگ ڪري ايران کان ايندڙ ڊيزل ۽ پئٽرول بلوچستان جي پمپن تي نه پھچڻ ڪري،بلوچستان ۾ پئٽرول ۽ ڊيزل جو بحران پيدا ٿي ويو،عوام پئٽرول لاءِ سخت پريشان ٿي ويو.