ايران- اسرائيل جنگبندي ۽ غيريقينيءَ وارو ماحول

0
19
ايران- اسرائيل جنگبندي ۽ غيريقينيءَ وارو ماحول

نيٺ اھو ئي ٿيو جنھن جو امڪان ھو، آمريڪا ايران- اسرائيل جنگ ۾ شامل ٿي ايران جي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا ڪري انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. هاڻي ته اسرائيل ۽ ايران ۾ جنگبندي ٿي چڪي آهي پر ان جنگ ۾ اسرائيلي حملن ۾ ايران جي فوجي قيادت ۽ ايٽمي سائنسدانن جو وڏو تعداد شهيد ٿي چڪو آهي.

                 1996ع کان 2025 تائين اسرائيل جا سربراھ خاص طور نيتن ياھو ڪيئي ڀيرا ايران تي اھي الزام لڳائيندو رھيو آھي ته ايران ائٽمي بم جي تياريءَ کان صرف ڪجهه هفتن جي وٿيءَ تي آهي. پر عراق جيان اسرائيل ايران تي اھي الزام عالمي فورم تي اڄ تائين ثابت ناھي ڪري سگھيو. پر عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اَي اِي اَي) جي ڊائريڪٽر جنرل رفائل گراسيءَ جو CNN تي ھڪ انٽرويو ۾ چوڻ آھي ته، اسان کي نيوڪليئر ھٿيار ٺاھڻ جو ڪنھن به قسم جو ڪوئي ثبوت ناھي ملي سگھيو. پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ايران تي حملو ڪري اڳرائي ڇو ڪئي وئي؟ 2002ع ۾ به نيتن ياھو ئي ھو جنھن صدام جي دور حڪومت ۾ عراق تي نيوڪليئر ھٿيار ھجڻ جو ڍونگ ڪري آمريڪا کي عراق تي چڙھائيءَ لاءِ اڪسايو ۽ نتيجي ۾ ڏھ لک ماڻھو بي گناھ اجل جو شڪار ٿيا. 2024ع واري آمريڪي اليڪشن کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ CBS کي ڏنل انٽرويو ۾ عراق تي چڙھائيءَ کي آمريڪا جي وڏي غلطي قرار ڏنو. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان جنگ ۾ جيڪي لڳ ڀڳ ڏھ لک ماڻھو ماريا ويا، انھن جو ڪھڙو ڏوھ ھو؟ ڇا اقوام متحده آمريڪا کان ڏھ لک ماڻھن جي موت جو ھرجاڻو ڀرائي سگھيو آھي؟ صاف ڳالھ آھي ته ڏاڍن ملڪن اڳيان اقوام متحده به گوڏا کوڙي ويھي ٿو رھي.

اسرائيلي وزيراعظم فلسطين ۽ خاص طور غزا ۾ لڳاتار ڏيڍ سال کان به وڌيڪ عرصو بي رحم جنگي ڪارروائين ۽ ايران تي بيجا چڙھائي ۽ اڳرائيءَ سبب ايران جي جوابي موٽ کانپوءِ اسرائيلي عوام ۾ موت جو جيڪو خوف پيدا ٿيو، ان سان اسرائيلي عوام ۾ نيتن ياھو جي مقبوليت ۾ خاصي ڪمي واقع ٿي آھي. اسرائيلي وزيراعظم طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي دفاعي مدد جي درد مندانا اپيل پڻ اسرائيلي عوام کي مايوس ڪيو آھي، جنھن سان ھو پاڻ کي وڌيڪ غير محفوظ سمجھڻ لڳا آھن. سڄي دنيا ڄاڻي چڪي آھي ته آمريڪا پھرئين ڏينھن کان ئي ان جنگ ۾ اسرائيل سان گڏ بيٺل آھي ۽ صدر ٽرمپ رڳو جنگ کان ٻاھر ھجڻ جو ڊرامو پيو ڪري. سموري ٽيڪنالاجي، جديد ميزائيل ۽ انٽيليجنس آمريڪا جي ئي آھي. آمريڪا رڳو ھڪڙو ڏينھن به اسرائيل کان پري ٿي بيھي رھي ته سڄو اسرائيل مٽيءَ جو ڍير ٿي وڃي. اسرائيل آمريڪا جي طاقت تي ئي بيٺل آھي. اھا ڳالھ به ياد رکڻ گھرجي ته آمريڪا جي 77 ملين عوام گذريل اليڪشن ۾ ٽرمپ کي ووٽ ان ضمانت تي ڏنو ھو ته هُــو دنيا مان غير ضروري جنگين جو خاتمو آڻيندو، خاص طور وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي ڪرائيندو. ظاھري طور اھا جنگ رڳو ٻن ملڪن جي وچ ۾ نظر اچي ٿي پر ان جنگ جي پٺيان ٻيون قوتون به بيٺل آھن. اسرائيل آمريڪا کي ان جنگ ۾ سڌي ريت گھلي آيو آهي. ان ڪري اھا جنگ رڳو ٻن ملڪن جي جنگ ناهي رهي. ان سان خطي ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿي ويو آهي. جنھن جا گھرا اثر يقيني طور تي پاڪستان تي بہ پوندا. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جون سرحدون ايران سان 900 ڪلوميٽرن تائين ڳنڍيل ھجڻ ڪري آمريڪا پاڪستان کان ايران جي جاسوسي کان ويندي فوجي اڏن جي سھولتن لاءِ دٻاءُ وجھي سگھي ٿو. (پاڪستان جي عسڪري قيادت جي وائيٽ هائوس ۾ خاطرداريءَ کي ان تناظر ۾ ڏٺو پيو وڃي). پاڪستان اڳي به آمريڪا لاءِ افغان جنگ ۾ پراڪسي طور استعمال ٿيو آھي ۽ ھاڻي به ان مان اهي اميدون ڪيون پيون وڃن. جيڪڏھن پاڪستان آمريڪا جي سهولتڪاري ڪئي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪا طاقتور ٿي ويندو ۽ ان جا مفاد اڃان بہ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، جنھن جا پاڪستان جي معيشت تي منفي اثرات پوندا ۽ حڪمران طبقو وري به قربانيءَ جو ٻڪرو عوام کي ئي بڻائيندو.

موجوده صورتحال ۾ جتي ڀارت- اسرائيل جي ڳجهين ايجنسين ‘را’ ۽ ‘موساد’ جو ايراني حڪومت پاران جاسوسي جو ڳجهو نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو آهي ۽ ڀارت پنھنجو ڀروسو وڃائي ويٺو آھي، اتي پاڪستان لاءِ ھينئر بھترين موقعو آھي ته ھو ايران سان سفارتڪاري ۽ واپار ذريعي تعلقات بھتر بڻائي ۽ ماضيءَ جي غلطين جو ازالو ڪري، جنھن سان ملڪي معيشت کي به ھٿي ملندي. صدر ٽرمپ ھن وقت  رڳو دنيا جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ جنگ کان الڳ ھئڻ جو ڊرامو ته ڪري رھيو آھي پر ايران جي ايٽمي اثاثن تي حملو ڪري ان جو سڌي ريت حصو بڻجي به چڪو آهي. خليجي رياستن ۾ ھن وقت به 60,000 کان مٿي آمريڪي فوجون سرگرم آھن ۽ مزي جي ڳالھ اھا آھي ته اتي موجود آمريڪي فوج کي extra territorial rights حاصل آھن، يعني انھن تي ڪنھن به خليجي ملڪ جو قانون لاڳو نٿو ٿئي، اھي پنھنجون دفاعي توڙي جارحانا سرگرميون آزاديءَ سان جاري رکي سگھي ٿي. پر ايران جي جاگرافيائي بيھڪ اھڙي آھي جو آبنائي هرمز مان، جتان دنيا جي تيل جو 20% واپار ٿئي ٿو، ايران ان جي آسانيءَ سان رستا روڪ ڪري سڄي دنيا کي تيل جي بحران ۾ ڦاسائي سگھيو پئي. ايران کي اهو پتو کيڏڻ کان روڪڻ لاءِ به آمريڪا ايران جي ايٽمي اثاثن تي حملو ڪري کيس ان قدم کان روڪي ڇڏيو. اسرائيل جو ايران تي حملي جو ھڪ سبب اھو بہ آھي تہ آمريڪا اسرائيل ذريعي ايران کي سوڙھو ڪري سبق سيکارڻ چاھي ٿو تہ ھو فلسطين، شام، لبنان ۽ يمن ۾ پنھنجون پراڪسيز بند ڪري، جنھن سان آمريڪي- اسرائيلي مفادن کي گھرو نقصان پھچي رھيو آھي. توڙي جو ايران جا تيل وارا بندرگاه خاص طور بندر عباس ۽ خرق ٻيٽ اسرائيل جي نشاني تي آھن ۽ ايران کي خاصو نقصان بہ پھچايو آھي. ايران جي ميزائيل ٽيڪنالوجي جي صلاحيت اسرائيل ۽ آمريڪا جي اندازي کان ئي ٻاھر هئي. ايران جي “شاھد 136” ڊرون جي رقم $20000 ڊالر آھي، جڏھن ته ان کي ڪيرائڻ لاءِ آمريڪا جي پيٽرائٽ ميزائيل جي رقم $4 ملين ڊالر آھي. اها جنگ ختم نه ٿئي ها ته اسرائيل کي اھا جنگ ڪنگال ڪري ڇڏي ها. ايران تي آمريڪي حملي کان اڳ اڳوڻي آمريڪي ڊفينس سيڪريٽري ڊگلس ميڪگريگر طرفان ھڪ نجي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ ان خدشي جو اظھار ڪيو هو ته. “جيڪڏھن آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ شامل ٿيو تہ ٽين عالمي جنگ ڇڙي سگھي ٿي”. ھن ان راءِ جو به اظھار ڪيو ته، “مان پاڻ آمريڪي فوجين کي ميدان ۾ اڳواڻي ڏني آهي، مان تابوت ڏسي چڪو آهيان، هاڻ مان وڌيڪ تابوت ڏسڻ نٿو چاهيان”۔ ھن عالمي طاقتن ۽ امن پسند ملڪن کي سلامتي ڪائونسل جو ھنگامي اجلاس گھرائڻ لاءِ اقوام متحده تي زور ڏيڻ ۽ غيرجانبدار ملڪن کي غزا ۽ اولهہ ڪناري ۾ امن لاءِ فورس موڪلڻ جي بہ تجويز رکي هئي. پر آمريڪا ايران تي حملي کان پوءِ ان جنگ جي وسعت کان خوفزده هو ۽ جنگ کي وڌڻ جي خوف سبب ٽرمپ ترت ئي جنگبندي ڪرائي ڇڏي. بهرحال جنگبندي ته ٿي چڪي آهي پر غيريقيني جو انت اچي نه سگهيو آهي.