ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ هاڻي باقاعده جنگي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جيڪا فقط ٻن ملڪن تائين محدود ناهي رهي پر خطي جي امن، دنيا جي سفارتي ماحول، ۽ خاص طور تي آمريڪا جي پاليسين تي به وڏو اثر وجهي رهي آهي. تازيون رپورٽون ٻڌائين ٿيون ته اسرائيل ايران جي مختلف شهرن ۽ تنصيبات تي فضائي حملا ڪري چڪو آهي. آمريڪي دفاع واري وزير دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ايران جي اهم جوهري تنصيبن تي حملو ڪيو آهي، جن ۾ فردو ۽ اصفهان جون حساس سائيٽون شامل آهن. ايران طرفان ردعمل طور تي ڪيترائي ڊرون حملا ڪيا ويا، جن مان ڪجهه اسرائيلي حدن تائين پهتا ۽ ٿورو گهڻو نقصان به ٿيو. ايراني سرڪاري ميڊيا هن صورتحال کي “جارحيت” قرار ڏنو آهي، جڏهن ته مغربي ميڊيا هن کي هڪ “احتياطي قدم” چئي رهي آهي. واشنگٽن پوسٽ موجب، آمريڪي حملا ايران جي مستقبل جي جوهري قابليت کي روڪڻ لاءِ هئا، پر ان عمل سان خطي ۾ تڪرار نئين سطح تي پهچي ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه، عالمي نظرين ۾، خطي جي امن لاءِ انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري چڪو آهي.
ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي هن جنگي ڪردار بابت سوال اڀري ٿو ته ڇا امن جا دروازا بند ٿي رهيا آهن؟ ڇا طاقتور ملڪ هڪ ٻي تباهيءَ واري جنگ لاءِ زمين هموار ڪري رهيا آهن؟ بين الاقوامي مبصرن مطابق، ايران کي محدود ڪرڻ جي پاليسي دراصل هڪ پراڻي حڪمت عملي آهي، پر هاڻي ان کي نئين طريقي سان لاڳو ڪيو پيو وڃي. چيو پيو وڃي ته هن وقت جي حملن جو مقصد صرف ايران جي جوهري نظام کي تباهه ڪرڻ نه آهي، بلڪه ايران جي خطي ۾ اثر کي به ختم ڪرڻ آهي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ فقط فوجي جهيڙا ئي نه، بلڪه سماجي، انساني، ۽ اقتصادي تباهيون به اينديون. جنگ جي نتيجي ۾ هزارين بيگناهه ماڻهو مارجن ٿا، عورتون، ٻار، نوجوان پنهنجي حياتي وڃائين ٿا. اسپتالون تباهه ٿين ٿيون، اسڪول بند ٿي وڃن ٿا، معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي. پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي سميت ڪيترن ئي مسلم ملڪن جي تجزيه نگارن جو خيال آهي ته جنگ ايران کي وڌيڪ جارح ۽ انتقامي بڻائي رهي آهي، جنهن جو اثر شام، لبنان، ۽ يمن جهڙن علائقن تي پوي ٿو، جتي ايران جا اتحادي اڳ ئي جنگ جي حالت ۾ آهن. آمريڪا جي هن جنگ ۾ شموليت علائقائي توازن کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي، ۽ روس يا چين جهڙا ملڪ به ردعمل ڏيئي سگهن ٿا، جيڪو خطي کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيندو.
هن نازڪ ۽ خطري سان ڀريل صورتحال مان اهو واضح ٿئي ٿو ته، دنيا کي هاڻي وڌيڪ جنگ جي نه، بلڪه امن جي ضرورت آهي. تاريخ شاهد آهي ته جنگ سان ڪڏهن به مستقل امن حاصل نه ٿيو آهي. آمريڪا جو هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ صرف ايران جي جوهري پروگرام جي روڪٿام تائين محدود ناهي، بلڪه اها هڪ وڏي طاقت جي حڪمت عمليءَ جو حصو آهي ته جيئن وچ اوڀر ۾ پنهنجي گرفت قائم رکي. پر جيڪڏهن اها گرفت صرف هٿيارن ذريعي قائم ڪرڻي آهي ته پوءِ اها ڪجهه وقت لاءِ ته رهي سگهي ٿي، پر آخرڪار ردعمل ۽ بغاوت جنم وٺندي. موجوده صورتحال ۾، گڏيل قومون، اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي، انساني حقن جون تنظيمون ۽ امن پسند قومون گڏجي اڳتي وڌن، ۽ جنگ کي بند ڪرائڻ لاءِ هڪ جامع سفارتي ڪوششون شروع ڪن. سعودي عرب، قطر، ترڪي، ملائيشيا جهڙا ملڪ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ڇو ته هن خطي جو امن فقط ايران يا اسرائيل لاءِ نه، بلڪه سڄي اسلامي دنيا ۽ عالمي معيشت لاءِ ضروري آهي. گڏيل قومون فقط قراردادون جاري ڪرڻ تائين محدود نه رهن، بلڪه عملي طور جنگي ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌن. وقت جي تقاضا آهي ته امن جي حمايت ڪئي وڃي، هٿيارن بدران ڳالهين جي مدد سان تڪرار حل ڪيا وڃن. ڇو ته پاڻ کي خطي جو “چوڌري” سمجهندڙ آمريڪا کي سمجهڻو پوندو ته، جنگ سان صرف تباهي ئي ايندي آهي ۽ هاڻي هي دُنيا ڪنهن ٻي تباهيءَ جي متحمل نٿي ٿي سگهي، ان ڪري هن مسئلي کي محاذ بدران ميز تي حل ڪيو وڃي. صرف اهڙي طرح دنيا کي هڪ محفوظ، پرامن ۽ مستحڪم مستقبل ڏئي سگهجي ٿو.