ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تازي ايٽمي ڳالهين هاڻوڪي دور جي پيچيده ۽ پراڻي جاگرافيائي تڪرار ۾ شايد هڪ اهم موڙ ثابت ٿي سگهن ٿيون. روم ۾ ٿيل بالواسطه ڳالهين جي ٻئي مرحلي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ڪجهه اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ ڳالهين جاري رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، جيڪا سالن کان جاري ڇڪتاڻ، بي اعتمادي، ۽ هڪٻئي تي شڪ ڪرڻ کانپوءِ سفارتي رخ ڏانهن هڪ محتاط پر مثبت تبديلي جي علامت آهي. ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪا جي وچ اوڀر لاءِ خاص سفير اسٽييو وٽڪوف جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل هي ڳالهيون هڪ نازڪ ۽ غير مستحڪم ماحول ۾ ٿيون. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون سڌي ريت نه هيون، پر عمان جي ذريعي پيغام موڪلڻ جي صورت ۾ هي عمل ٿيو، پر ٻنهي ڌرين جو رويو تعميري قرار ڏنو ويو ۽ هڪ نئين مرحلي لاءِ 26 اپريل تي عمان ۾ ملاقات طئي ٿي ..
اهو اڀرندڙ سفارتي عمل هڪ نهايت پيچيده پس منظر ۾ ٿي رهيو آهي. ايران اڃا تائين 2015ع جي جوائنٽ ڪمپريهينسو پلان آف ايڪشن (JCPOA)جي خاتمي جا اثر محسوس ڪري رهيو آهي، جنهن کي آمريڪا اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ ڇڏي ڏنو هو. ان وقت کان وٺي، ٽرمپ ايران خلاف “وڌ کان وڌ دٻاءُ” واري پاليسي تي عمل ڪيو، سخت پابنديون لاڳو ڪيون، ۽ گڏوگڏ فوجي ڪارروائي جو امڪان به ظاهر ڪيو. جيتوڻيڪ ٽرمپ سفارتي ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، پر سندس بيان هميشه امن پسند خواهشن ۽ ڳجهين ڌمڪين جي وچ ۾ وڪوڙيل رهيو، جنهن ايرانين کي آمريڪي ارادن بابت شڪ ۾ وجهي ڇڏيو. ايران واضح ڪيو ته سندس ڳالهين ۾ واپسي ڪو به دٻاءُ يا ڌمڪيءَ جو نتيجو ناهي، بلڪه ان ڪري ته ڳالهين جو دائرو رڳو ايٽمي معاملن تائين محدود رکيو ويو آهي.
ٻنهي ملڪن جي وچ اهم نقطن تي اڃا به اختلاف برقرار آهن، خاص طور تي يورينيم جي افزودگيءَ تي. آمريڪا چاهي ٿو ته ايران پنهنجي افزودگي جي صلاحيت ختم ڪري، جڏهن ته ايران پرامن مقصدن لاءِ ان حق کي غيرمشروط طور قبول ڪرائڻ چاهي ٿو. عراقچي زور ڏنو ته ايران اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر افزودگي ڪرڻ جي حق تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي. اهو ئي اختلاف ان سفارتي چئلينج جو مرڪزي نقطو آهي: ايندڙ ٽيڪنيڪي ڳالهيون تمام حساس هونديون، جن ۾ افزودگي جي سطح، وقت جو تعين، جاچ جا اصول، ۽ عمل درآمد جون ضمانتون شامل هونديون.
علائقائي ۽ عالمي حالتن جي ڇڪتاڻ به انهن ڳالهين کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. اسرائيل، جيڪو ايران جي ارادن تي شڪ ڪري ٿو، لڳاتار ڳجهيون ڪارروايون ۽ سفارتي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ٽرمپ ايران جي ايٽمي تنصيبن تي حملي واري اسرائيلي تجويز کي في الحال رد ڪيو، پر فوجي آپشن کي کليل رکيو. سعودي عرب به انهن ڳالهين ۾ پنهنجو سفارتي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن دفاعي وزير شهزادو خالد بن سلمان ايران جي صدر مسعود پزشڪيان کي بادشاهه سلمان جو ذاتي پيغام وٺي آيو. ٻي پاسي، عراقچي ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات ڪئي، جيڪا ڏيکاري ٿي ته ايران سفارتي سهڪار وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايران ۽ روس جي وچ ۾ تازو 20 سالن لاءِ اسٽريٽجڪ معاهدي جي منظوري به انهيءَ پس منظر ۾ ٿي، جيتوڻيڪ اهو ڪو دفاعي اتحاد ناهي.
انهن سمورن معاملن جي وچ ۾ هڪ اهم ڳالهه جيڪا واضح طور غير موجود آهي سا آھي فلسطين جو مسئلو۔ ايران 1979ع واري انقلابي دور کان وٺي فلسطين جي حمايت کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو هو. پر موجوده ڳالهين ۾ فلسطين جو ذڪر نه ٿيڻ هڪ حڪمتِ عمليءَ واري تبديلي ڏانھن اشارو ڪري ٿي. معاشي بحران، اندروني بيچيني، ۽ سفارتي اڪيلائيءَ سبب ايران هن وقت نظرياتي ترجيحن کان وڌيڪ پنهنجي بقا کي اهميت ڏئي رهيو آهي. ايٽمي ڳالهين ۾ فلسطيني مسئلو شامل نه ڪرڻ جو فيصلو لڳي ٿو ته ڄاڻي واڻي ڪيو ويو ته جيئن ڳالهين جي نازڪ عمل ۾ ڪا نئين رڪاوٽ نه پيدا ٿئي.
ايران چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته فلسطين جو معاملو اٿارڻ سان ڳالهين جي واٽ تي وڌيڪ رڪاوٽون پيدا ٿي سگهن ٿيون، خاص طور تي آمريڪا، يورپ، ۽ علائقائي ملڪن لاءِ. ايران جي قيادت اها ڳالهه سمجهي ٿي ته عوام جو صبر ختم ٿيڻ تي آهي، ۽ اندروني انتشار جو خطرو وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ايران ٻين محاذن تي فلسطيني تحريڪن جي حمايت جاري رکي ٿو، پر ايٽمي ڳالهين کان فلسطين کي ڌار رکڻ ايران جي موجوده ترجيحن کي ظاهر ڪري ٿو.
اهڙي خاموشي ايران جي علائقائي اتحادي قوتن ۽ ان جي سخت گير حلقن لاءِ سوال پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪي فلسطين کي هڪ اصولي معاملو سمجهن ٿا. پر اهو عمل هڪ وڏي تبديليءَ جي به علامت آهي، جتي وچ اوڀر جون رياستون پنهنجون پاليسيون نظرياتي وابستگين بدران قومي مفادن، معاشي ضرورتن، ۽ بدلجندڙ علائقائي حالتن جي بنياد تي ترتيب ڏئي رهيون آهن. جيئن ته ڪيتريون ئي عرب رياستون اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻي رهيون آهن، ايران کي به شايد پنهنجي حڪمت عمليءَ تي ٻيهر غور ڪرڻو پوندو.
آخرڪار، جاري ايٽمي ڳالهيون هڪ نازڪ موقعو به آهن ۽ هڪ وڏي سياسي جوا به. روم ۽ مسقط مان اڀرندڙ سفارتي رفتار اميد جي هڪ واٽ ڏيکاري ٿي، پر اها واٽ تاريخي ڏڪارن، اسٽريٽجڪ تضادن، ۽ حل طلب معاملن سان ڀريل آهي. جيتوڻيڪ ڳالهين جو لهجو بدلجي چڪو آهي ۽ تعميري ڍانچو سامهون آيو آهي، پر بنيادي اختلاف اڃا به موجود آهن. انهيءَ عمل جي ڪاميابي صرف ٽيڪنيڪي معاهدن تي نه، پر سياسي عزم، علائقائي سهڪار، ۽ باهمي اعتماد تي دارومدار رکي ٿي. اهي عنصر جيڪي ايران ۽ آمريڪا جي ناتن ۾ اڪثر غائب رهيا آهن. فلسطين جي غير موجودگي ان حقيقت جي علامت به آهي ۽ حڪمتِ عملي به، جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته ايران هن وقت سفارتي بساط ڪهڙي سوچ سان وڇائي رهيو آهي۔
sahibkhokhar@hotmail.com