رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ ايران جو سفارتخانو 7 سالن بعد کلي ويو. سفارتخاني جو مرڪزي دروازو کولي ايران جي هڪ ٽيڪنيڪي ٽيم معائنو ڪيو. سعودي عرب ۽ ايران ۾ سفارتي لاڳاپا جلد بحال ٿيڻ وارا آهن. ٻئي طرف آمريڪا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان رابطو ڪري يمن ۾ اڳڀرائي ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون ڪيون. جڏهن ته شام جو پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فيصل المقداد 12 سالن بعد سعودي عرب جي دوري تي پهتو. هو شام ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي بابت ڳالهيون ڪندو.