ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، پ پ ايم اين اي آصفه ڀٽو ۽ سنڌ جي وزيراعليٰ مراد شاهه ايراني قونصليٽ پهچي ايراني صدر جي شهادت تي عذرخواهي ڪئي، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي عالم اسلام جو هيرو هو.  هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ سندس اوچتي وڇوڙي سان مون کي ڏک پهتو آهي، سندس وزيراعليٰ هائوس ۾ اچڻ جون يادون هڪ مهيني کان به گهٽ پراڻيون آهن، اهي يادون منهنجي دل ۾ سانڍيل آهي، هن چيو ته ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ۽ سندس وفد جو وزيراعليٰ هائوس ۾ استقبال ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي.