تهران (م ڊ) هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي تدفين اڄ ڪئي ويندي. ايراني اختيارين موجب صدر ابراهيم رئيسي جي تدفين لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي ايراني ڊيزاسٽر مينيجمينٽ  جي سربراهه چيو آهي ته هيليڪاپٽر کي باهه لڳڻ باوجود صدر رئيسي ۽ پرڏيهي وزير جا لاش سڃاڻپ جوڳا هئا. جڏهن ته ايراني فوج جي سربراهه چيف آف اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري حادثي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا برگيڊيئر علي عبداللهي جي سربراهي ۾ جاچ ڪندي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪميٽي جا ميمبر حادثي واري جاءِ تي پهچي ويا آهن جتي هنن صدر ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر جي تباهه ٿيڻ جي سببن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جاچ مڪمل ٿيڻ بعد واقعي جي سببن کي عوام آڏو پڌرو ڪيو ويندو. ايراني ميڊيا موجب حادثو فني خرابي جي ڪري پيش آيو، فني خرابي ڪهڙي هئي، اهو واضح ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته ايران جي اڳوڻي پرڏيهي وزير جواد ظريف جو چوڻ آهي ته آمريڪا جي پابندين جي ڪري هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو، ڇو جو ايوي ايشن انڊسٽري تي آمريڪا ايران کي شيون وڪڻڻ تي پابندي لڳائي آهي. ايراني ڊيزاسٽر مينيجمينٽ جي سربراهه محمد حسن نامي جو چون آهي ته هيليڪاپٽر حادثي بعد صدر ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ ٻين سمورن  ماڻهن جا لاش سڃاڻپ جوڳا آهن ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ جي ضرورت ناهي.