واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايراني جوهري ٺڪاڻن تي حملي بعد ايران ۾ رجيم چينج جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته هاڻوڪي ايراني سرڪار ايران کي عظيم نٿي بڻائي سگهي ته رجيم چينج ڇو نه ٿيڻ گهرجي؟ هروڀرو اعتراض ڪيو پيو وڃي. رجيم چينج جي اصطلاح جو استعمال سياسي طور ٺيڪ ناهي، ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايراني جوهري ٺڪاڻن تي حملي سان ايڏو ته ڳرو نقصان ٿيو آهي جو ٺڪاڻا تباهه ٿيل چوڻ وڌيڪ مناسب هوندو، سيٽلائيٽ تصويرن ۾ نظر آيل اڇو اسٽرڪچر  ملبي جو ڍير ٿي چُڪو، گهڻو نقصان زمين اندر ٿيو آهي، صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران جو دنيا لاءِ ايٽمي خطرو ختم ڪري ڇڏيو، اسرائيل هاڻي محفوظ آهي، فوجي ڪارروائي شاندار ڪاميابي ماڻي، ايراني ٺڪاڻن تي تازي آمريڪي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته آمريڪي بي ٽو پائليٽ ميزوري ۾ حفاظت سان لينڊ ڪري ويا، آمريڪي فوج بم کي ايران کان هٿن مان کسي ورتو جيڪڏهن ايران کي موقعو ملي ها ته هو ضرور استعمال ڪري ها. هوڏانهن صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ تيل جون قيمتون گهٽ رکڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هرڪو تيل جي اگهن کي گهٽ رکي آئون ڏسي رهيو آهيان ته توهان دشمن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهيو، ائين نه ڪريو. هن سوال ڪيو ته ڇا واقعي دنيا جي مختلف ملڪن ايران کي ايٽم بم ڏيڻ جو چيو آهي؟ هن چيو ته اسان جا هٿيار، ايٽم بم، جنگي جهاز سڄي دنيا کان سٺا آهن اسان جا هٿيار دنيا جي هٿيارن کان 20 سال اڳتي جا آهن.