تهران(م ڊ) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ سيڙپڪاري سوڌو مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، وزيراعظم چيو آهي ته ايران سان پُراڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندس پرامن ايٽمي پروگرام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ايران کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو ۽ هتي اچڻ تي دل سان خوشي محسوس ٿي آهي، پاڪستان ۽ ايران جا تاريخي، ثقافتي ۽ گهرا لاڳاپا آهن ۽ اسان فيصلو ڪيو آهي ته انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌايو وڃي. خطي ۾ امن چاهيون ٿا ۽ امن لاءِ ڳالهين جي ڪوشش جاري رکي ويندي، اسان ڀارت سان ڪشمير ۽ پاڻي سوڌو سمورا تڪرار ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر ڀارت جارحاڻو رويو جاري رکڻ گهري ٿو ته اسان ملڪ جو دفاع ڪنداسين، ڀارت منهنجي آڇ مڃي ٿو ته اسان ڏيکارينداسين ته سچي نيت سان امن چاهيون ٿا، ايراني صدر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ صدين کان ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان اِن ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ٻنهي ملڪن جي سرحدن تي دهشتگرد سرگرميون نه ٿيڻ گهرجن، اُن لاءِ سرحدي علائقن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ايران سان آزاد واپاري معاهدو ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، دهشتگردي کي ويجهو اچڻ نه ڏيڻ گهرجي.
تهران(م ڊ) حق جي معرڪي ۾ ڪاميابي کانپوءِ ڀارتي جارحيت خلاف حمايت ڪندڙ دوست ملڪن جي دوري تي نڪتل وزيراعظم ترڪيه جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ايران پهچي ويو، تهران جي مهر آباد ايئرپورٽ تي ايراني پرڏيهي وزير ۽ ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن پاران آجيان ڪئي وئي، هوائي اڏي تي وزيراعظم شهباز شريف کي ايراني فوج جي جٿي پاران سلامي ڏني وئي، وزيراعظم ايران جي صدر مسعود پزشڪيان ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنائي سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ، ڀارت طرفان مڙهيل جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا، وفد ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، محسن نقوي، عطاءَ تارڙ ۽ طارق ڪاظمي شامل هئا.