ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي نقصان رسايو، ڪجهه ماڻهن کان صدر ٽرمپ برداشت نٿو ٿئي: آمريڪا

0
24
ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي نقصان رسايو، ڪجهه ماڻهن کان صدر ٽرمپ برداشت نٿو ٿئي: آمريڪا
ايراني ايٽمي ٺڪاڻن کي نقصان رسايو، ڪجهه ماڻهن کان صدر ٽرمپ برداشت نٿو ٿئي: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ چيو آهي ته  آمريڪا جو ايران جي ايٽمي صلاحيت تي حملو ڪامياب رهيو، ايران تي حملن ۽ ايئر بيسز تي ايراني حملا ناڪام بڻائڻ ۾ آمريڪي فوج جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي، ڪجهه آمريڪي چئنلز ماڻهن جو ذهن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تنقيد ڪندڙ نٿا چاهين ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿئي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  سي آءِ اي جي رپورٽ ۾ آهي ته ايران جي ايٽمي صلاحيت کي وڏو نقصان پهتو آهي، جنهن کي سڌو ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا، اسرائيلي ڳجهي اداري به تصديق ڪئي ته ايران تي حملي ۾ گهڻو نقصان ٿيو آهي، آمريڪي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين چيو ته قطر ۾ آمريڪي ايئر بيس تي حملي کان اڳ ايراني حملي جا اطلاع مليا هئا، اسان قطر ۾ آمريڪي ايئر بيس کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيل ايراني ميزائل حملا ناڪام بڻايا، ايران تي حملن ۽ ايئر بيس تي ايراني حملا ناڪام بڻائڻ ۾ اسان جي فوج جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي، آمريڪي فوج انتهائي مهارت سان پنهنجو مشن پورو ڪيو