لنڊن(م ڊ) برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪا جي حملن جي نقصان جي باري ۾ آمريڪا ڪي به ثبوت پيش نه ڪيا آهن رڳو بيان بازي ڪئي وئي آهي. آمريڪي بچاءُ وزير پيٽ هيگسيٿ ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين بريفنگ ۾ رڳو اهو چوندا رهيا ته اڃا به نقصانن جو جائزو ورتو پيو وڃي جڏهن ته صدر ٽرمپ ٺڪاڻا مڪمل طور تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جيڪڏهن اڃا جائزو ورتو پيو وڃي ته پوءِ صدر ٽرمپ تباهي جي دعويٰ ڪيئن ٿو ڪري سگهي. جهازن جي روٽن جون تصويرون ته شيئر ڪيون ويون پر ايٽمي ٺڪاڻن جي تباهي جا ڪي پڪا ثبوت نه ڏنا ويا ان ڪري هن وقت تائين اهو فيصلو ٿيڻو آهي ته هن حملي سان ڇا حاصل ٿيو. جڏهن ته آمريڪي صدر جا نمائندا سياسي ٽاڪ شوز ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.