اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گريڊ 21 جي سينيئر آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ ترقي نه ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواستن جي جسٽس انعام امين منهاس ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار سهيل علي خان، شاهه بانو غزنوي سميت ٻين آفيسرن ترقي نه ملڻ خلاف عدالت سان رجوع ڪيو آهي. درخواستگذارن طرفان بيرسٽر عمر اعجاز گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته وفاق جي نمائندگي ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته هي معامرو فيڊرل سروس ٽريبيونل جي دائري اختيار ۾ اچي ٿو، تنهنڪري هاءِ ڪورٽ اِن کي نٿو ٻڌي سگهي. بيرسٽر عمر اعجاز گيلاني ايڊيشنل اٽارني جنرل جي موقف جي مخالفت ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ اهڙا مامرا اڳ به ٻڌي چڪي آهي ۽ سپريم ڪورٽ به هن نوعيت جي معامرن تي فيصلو ڏئي چڪي آهي. درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏنا ته سرڪاري آفيسر ڪنهن سياسي پارٽيءَ جا نه پر رياست جا ملازم هوندا آهن، هي معاملو رڳو چند ماڻهن جي ترقي جو ناهي، پر سڄي بيوروڪريسي جي مستقبل جو سوال آهي. هن چيو ته درخواستگذارن کي ترقي نه ڏيڻ جو ڪو به لکيل سبب ناهي ٻڌايو ويو. 30 سالن جي سروس بعد اوچتو چيو ويو ته اهي آفيسر ترقي جي اهل نه آهن. هن سوال اٿاريو ته ڇا انٽيليجنس ايجنسين جي رپورٽ جي بنياد تي ڪنهن آفيسر جي ترقي روڪي سگهجي ٿي، جڏهن ته قانون ۾ اهڙي ڪا به شق موجود ناهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 17 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.