حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ کان پاڻي کوٽ، بحريا ٽائون ۽ اياز لطيف پليجو سميت قومپرست اڳواڻن تي داخل ڪيسن خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اڄ کان 4 ڏينھن سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرز توڙي تعلقن ۾ ڪارڪن ريليون ڪڍي مظاهرا ڪندا. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي ۾ قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪري زبردستي قبضا ڪيا پيا وڃن. پ پ حڪومت قبضاگيرن جي سرپرست آھي. ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ تي ھزارين ايڪڙ زمين ڏني وئي آھي. غريب ڳوٺاڻن جا گهر ڊاهي کين بي گهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي لاڳيتي کوٽ سبب ساريالو فصل پوکجي نه سگھيو آھي. پاڻي تي پنجاب ۽ سنڌ جي حڪمرانن جو قبضو آهي. حڪومتي ماڻھن جون زمينون آباد ٿي رھيون آھن پر غريب هاري توڙي زميندارن جون زمينون غير آباد بڻجي ويون آهن. پڌرائي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 6 جون تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو تي دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سنڌ جي حقيقي ۽ بيباڪ آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. قومي عوامي تحريڪ مطالبو ڪيو ته ايازلطيف پليجو سميت قومپرست اڳواڻن تي داخل ڪيس فوري طور تي واپس ورتا وڃن.