بدين(رپورٽر) لطيف راھو پاران اياز جوکيو واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي پنھنجو بيان جاري ڪرڻ بعد پنھنجي اخبار پاران مرحوم اياز جوکيو جي ڀاءُ سارنگ لطيف جوکيو ۽ اياز جي پٽ فاضل جوکيو سان بار بار رابطو ڪيو پر جوکيا برادري پاران موقف ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته ڳالھائڻ جي پوزيشن ۾ناھيون جو چئي ٻي ڏينهن پنھنجو موقف ڏيڻ جو چئي فون ڪال ڪاٽي ڇڏي، ٻئي پاسي اسماعيل راھو جي ساٿي علي احمد جوکيو جي پٽ اياز جوکيو جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ھوڏانھن اياز جوکيو جي ڳوٺ قابل جوکيو ۾ تڏي تي سياسي سماجي اڳواڻن قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ ، اديب علي، اظھار ،ڪامريڊ محمد خان ڀرڳڙي سميت ۽ صحافين پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي آھي.