سکر (بيورو رپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل جي ادبي شعبي طرفان سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر ايازگل جي شاعري تي اختر درگاهي طرفان ڪيل اڀياس واري ڪتاب منظر سان پس منظر وانگي جي مھورت ڪئي وئي، پروگرام جي صدارت ايازگل ڪئي، جڏھن ته مھمان خاص ۾ ادل سومرو، مختيار ملڪ، نور رضوي، اختردرگاھي، قربان منگي، ذوالفقار ڪلھوڙو ۽ ممتاز بخاري هئا، جن ڳالھائيندي چيو ته ايازگل جي شاعري تي اڀياس وارو ڪتاب آڻڻ ۾  قربان منگي جو اھم ڪردار آھي، سکر آرٽس ٿوري عرصي ۾ ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻي آھي، ھي آرٽس ڪائونسل بغير ڪنھن مذھب ٻولي جي فرق سان خدمت ڪري رھي آھي، اياز گل جي شاعري ۽ ان جي شخصيت ادب تي وڏو اثر ڇڏيندڙ آھي، ايازگل جي لاءِ اھو اعزاز آھي ته ھن سان سنڌ جا ماڻھو پيار ڪن ٿا، صدارتي تقرير ۾ ايازگل چيو ته اصل  ۾ ھي پروگرام اختردرگاھي جو پروگرام آھي مان خوش نصيب آھيان سنڌ کان وٺي ٻاھر ملڪن تائين عالمن محققن مقالا لکيا آھن.