ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايئرپورٽ سنگنل ويجهو ٿيل دهشتگردي ۾ وڏي اڳڀرائي،ذريعن موجب دهشتگردي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ پوليس دهشتگردي جي سهولتڪار کي پڪڙي ورتو، عورت سهولتڪار کي به پڪڙيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل عورت ان کان اڳ به سهولتڪاري ڪري ڇڪي آهي، گرفتار سهولتڪارن جو تعلق بلوچستان سان نڪتو آهي، سهولتڪاري ۾ بينڪ جو عملو به ملوث نڪتو آهي، دهشتگردي جون ڪڙيون ٻاهرين ملڪ سان ملي رهيون آهن، جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ اندر ريڪي ڪرڻ واري ٽيم کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي،حملي کان پهريون وڊيو ٺاهڻ وارو سهولتڪار به پڪڙيو ويو، سهولتڪار ڪراچي يونيورسٽي جو شاگرد آهي،گاڏي خريد ڪرڻ لا۽ بينڪ عملي پيسه ڪراچي ٽراسفر ڪيا،71 لک رپين جي رقم تربت کان ڪراچي بينڪ ٽراسفر ٿي،ٻه لک رپيا بينڪ عملي منتقل ڪرڻ لاءِ رشوت ورتي.