اوڌر بند آهي!!

0
769

اتر سنڌ جي ڪيٽي شاھه ٻيلي جي رهزن ڌاڙيل منير مصراڻي جو اها وائرل ٿيل وڊيو ڀلا اوهان ڪيئن نه ڏٺي هوندي جنهن ۾ اتر سنڌ جي وڏين مڇن واري، هيرن سان جڙيل بڪرمي ٽوپي پاتل ڌاڙيل منير مصراڻي چيو هو ته ڪشمير ۾ مسلمانن تي وڏو ظلم ٿي رهيو آهي هي ڪفر ۽ اسلام جي وچ جي جنگ آهي ان ڪري آئون پنهنجي پنجاهه ڌاڙيل ساٿين سان گڏ ڪشمير ۾ وڙهڻ لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو. هن جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس تي مونکي اعتبار ناهي اها مونکي فل يا ھاف فرائي ڪري ڇڏيندي ان ڪري پاڪستان جي فوج مونکي ۽ منهنجي همراهن کي کڻي ڪشمير پهچائي، فجر جي نماز پڙهي نڪرنداسين ته سومهڻي نماز هلي ڀارت جي گادي جي هنڌ پڙهندا سين.
هڪ ٽنگ کان منڊڪائي هلڻ واري ڌاڙيل منير مصراڻي سان به اهو ئي مسئلو آهي جيڪو ٽيئن دنيا جي اڪثر ماڻهن سان آهي اسان جي دماغن ۾ هڪ ڪيسٽ ڀري پئي آهي جيڪا اوهان اڳتي ڪريو يا پوئتي اها ايئن وڄندي رهندي جيئن اسان جي دماغ ۾ ڀري وڌي ويئي آهي، اسان جي ملڪ جي نصاب ۾ اسان جا هيرو آسمانن ۾ جنگي جهاز اڏائڻ وارا پائلٽ آهن. جڏهن ته ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جي ڏکن ۽ اهنجن گهٽائڻ لاءِ زندگيون ارپڻ واري خدائي خدمتگار عبدالستار ايڌي جي نصابي ڪتابن ۾ تصوير“ ض” ضعيف “ڪمزور” لفظ جي چٽائي ڪرڻ جي نشانيءَ طور ڇاپي وڃي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ هر وقت جنگ جدل ۽ جهيڙي جون ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون پر انسان جي بقا ۽ عالمي امن بابت اسان جا ويچار ڪافي ڌنڌلا آهن. اسان جنگ کي منٽن جو کيل سمجهون ٿا ان ڪري جنگ جي نقصانن بابت اسان بنهه اڻ واقف آهيون. اسان کي خبر ئي ناهي ته جنگين ۾ گهڻي کان گهڻا متاثر عورتون ۽ ٻار ٿيندا آهن، جنگين ۾ رڳو بندوقن مان بارود فائر ناهي ٿيندو پر عورتن جي اکين مان لڙڪ به ڪرندا آهن. ٻارن جي نڙين مان سڏڪا به نڪرندا آهن. اسان امن ۾ لڪل ترقي جي راز کان بي خبر آهيون ڇاڪاڻ اسان جي ملڪ جي انڊسٽري هاڻي 70 واري ڏهاڪي واري سٺي ڪپڙي جي سڃاڻپ واري انڊسٽري ناهي رهي. ان دور ۾ عالمي منڊي ۾ “ميڊان پاڪستان” جو ليبل لڳل ڪپڙو جپاني ڪيٽي سان مقابلو ڪندو هو. هاڻي اسان وٽ ڌاڙيلن جون ڪيٽيون ته آهن پر پاڪستان جي ڪپڙي واري ڪيٽي کي ڪير پڇي به نٿو. هاڻي اسان جو سڄو زور هٿيارن جي انڊسٽري تي آهي. اسان آمريتن جي دور ۾ رڳو جهادي ئي پيدا ڪيا. اسان وٽ جديد ترين غوري ميزائل ته ٺهي سگهي ٿو پر اسان اسٽيل مل جي مشينري ٺاهي، اسٽيل جي ججھي اپت ڪري ان مان گهڻو ناڻو ڪمائڻ جي اهل ناهيون. اسان مزدورن جي پيٽ جي بک کي ختم نٿا ڪري سگهون ها البته اسان سينن کي سوراخ ڪندڙ سٺيون گوليون ٺاهي سگهون ٿا.
اسان پورا پنج ڏهاڪا ملڪي ۽ عالمي ويڙهاڪن سان گڏ رهيا آهيون ان ڪري اسان جي ملڪي معيشت جا بنياد ئي جهادي آمدني تي رکيل آهن. سرد جنگ دوران اسان جي ڪلهي تي جيڪي هٿيار رکيا ويا تن هٿيارن جي بيڪ فائر جو نتيجو پاڻ جنرل مشرف جي دور ۾ ڏسي چڪا آهيون. مونکي اها خبر ناهي ته اتر سنڌ جي رهزن ڌاڙيلن وٽ جهاز ڪيرائڻ ۽ بڪتر بند گاڏين کي پروڻ ڪرڻ وارا جديد ڳرا هٿيار ڪٿان پهچن ٿا پر ان تي ضرور حيرت آهي ته جديد ۽ ڳرن هٿيارن سان پوليس جي بڪتر بند گاڏين تي حملا ڪندڙ منير مصراڻي کي اها خبر اڃان ڄاڻي واڻي ناهي پهچائي ويئي ته ڀارت وٽ دنيا جي ٻيو نمبر وڏي فوج آهي. جنهن جو انگ لڳ ڀڳ 14 لک آهي جنهن مان پنج کان ست لک رزرو فوج والاريل ڪشمير ۾ موجود آهي. جنهن سان پنجاھه ڌاڙيلن جو وڏن مڇين وارو ٽولو جنگ وڙهي گادي جي هنڌ وڃي سومهڻي واري نماز پڙهندو يا رستي تي ئي فل فرائي ٿي ويندو .
گذريل ستن ڏهاڪن جي جنگي مائينڊ سيٽ جو نتيجو اهو آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته هر مسئلي جو حل جنگ ۾ آهي .هتان دونالي بندوقن سان ٽولو ڪري پنجاھه، سو ماڻهو نڪرندا ۽ ڪشمير فتح ڪري ايندا جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽي جنگيون لڳي چڪيون آهن ۽ ٽنهي جنگين ۾ ڪشمير کي آزادي نه ملي سگهي آهي ان جي باوجود به جيڪي ماڻهو چوٿين جنگ جا خواهشمند آهن انهن کي سمجهڻ گهرجي ته هاڻي نئين جنگ جا امڪان ان ڪري به ناهن جو ٻئي ملڪ ايٽمي هٿيارن جي انبارن تي بيٺا آهن عالمي دنيا ڪڏهن به نه چاهيندي ته هن خطي ۾ ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ ڪا جنگ لڳي جنهن ۾ لکين ماڻهو موت جي ور چڙهي وڃن. اها ڳالهه ٻنهي ملڪن جا عسڪري توڙي سياسي اڳواڻ به سمجهن ٿا ته جنگ جي ڳرن خرچن جي سٽ سهڻ جي سگهه هنن ٻنهي ملڪن جي معيشت لاءِ ممڪن ئي ناهي ان ڪري واپاري ملڪ چائنا جيان هي به سمجهي ويا آهن ته سرحدن تي هلڪين ڦلڪين جھڙپن باوجود ڪڏهن به واپاري تعلقات ختم نه ٿيڻ گهرجن. اهوئي سبب آهي جو هن وقت ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ماضيءَ جيان ٻيهر ڳالهين جو دور شروع ڪيو ويو آهي. ان ڳالهين جي بنيادي ايجنڊا واپار آهي پر ان جي پٺيان لڪل مکيه ايجنڊا امن جي آهي. پاڪستان به سوچي ٿو ته جيڪڏهن ڀارت سان امن جون ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته هڪ سو ڪروڙن کان مٿي ماڻهن واري واپاري منڊي جي ملڪ سان هنن جو واپار شروع ٿيندو ان سان پاڪستان جي ڏيوالي جي شڪار معيشت کي ئي فائدو ٿيندو. پاڪستان ۾ پڪڙيل ڀارت جي پائليٽ اڀي نندن جي ملم پٽي کان پوءِ چانهن پياري واپسيءَ جي پويان به سياسي ڊپلوميسي اها هئي ته پاڪستان هر صورت ۾ هن خطي جي اندر امن چاهي ٿو. اڀي نندن جي واپسي خود ڀارت لاءِ پيغام هئي ته ٻيلي ڏاها ٿيو پاڪستان مٿان جنگ نه مڙهيو.
مودي جي موجوده دور حڪومت ۾ ست لک جي لڳ ڀڳ فوج جي ڪشمير ۾ آمد سان جتي ڪشمير جي تاريخ جو ڊگهو ڪرفيو لڳو اتي ڀارت جي آئين ۾ 370 جي شق مطابق ڏنل ڪشميرين کي ووٽ، سياست ۽ زمين جي مالڪي واري حق کان به محروم ڪيو ويو آهي. اڳ ڪشمير ۾ ڪنهن به ڀارت جي ٻئي علائقي جي ماڻهو کي ملڪيت، زمين خريد ڪرڻ جو نه حق هو نه ئي سياست ۽ ووٽ ڏيڻ جو اختيار هو. هاڻي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جا ماڻهو اچي ملڪيت خريد ڪري سگهن ٿا ۽ سياست ۾ به حصو وٺي سگهن ٿا.اها ڳالهه ڪشميري به سمجهن ٿا ته ڄاڻ انهن جي پيرن جي هيٺان ڪشمير جي ڌرتي ويئي. ڀارت هر ان ڪشميري اڳواڻ کي جيل ۾ رکيو آهي جيڪو ڪشميرين جي حقن بابت گفتگو ڪرڻ جي اهل آهي. ايتري تائين جو ڀارت سان گڏ رهڻ جي ڳالهه ڪندڙ ڪشميرين کي به جيل ياترائون ڪرڻيون پيون آهن. هي دور هاڻي ڪنهن به ويڙهاڪ هٿيار بند تنظيم جي بندوق مان نڪتل گوليءَ جي تابع ڳالهين ڪرڻ جو دور ناهي. ان ڪري ڳالهين لاءِ هاڻي ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادتن کي اڳيان آندو ويو آهي. ڀٽي شهيد جي دورِ حڪومت کان پوءِ هي پهريون موقعو آهي جو افغانستان کي ڀارت سان واپار لاءِ پاڪستان رستو ڏنو آهي.
ماضي ۾ جيش محمد والاريل ڪشمير ۾ موثر جهادي تنظيم رهي آهي، جنهن جو سربراھ مولانا مسعود اظهر آهي، پنجاب ۾ جنم وٺندڙ مسعود اظهر پهريون ڀيرو پرتگال جي پاسپورٽ تي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيو هو، شعله بيان مقرر هجڻ جي ڪري هو جلد ئي سرينگر جي چوڪن ۾ تقريرون ڪندي مشهور ٿي ويو، هن جي چوڌاري هزارين نوجوان گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. هن تي الزام هو ته هن هندستاني فوج خلاف هٿيار بند ويڙهاڪ پيدا ڪيا آھن ان الزام هيٺ هن کي 1994ع ۾ هندستان جي فوج دهشتگردي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو. جيل ۾ هو انتظاميا کي چوندو هو ته هو گهڻو عرصو جيل ۾ نه رهندو. هن کي پڪ هئي ته هن جا ساٿي هن کي ڪيئن به ڪري هتان آزاد ڪرائي ويندا هن جي ساٿين جيل اندر سرنگ کوٽي، پر هو ٿولهه سبب ان مان نه نڪري سگهيو ۽ ڳالهه کلي وڃڻ سبب هن مٿان سختي وڌي وئي. ان بعد 1999ع ۾ نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو مان دهلي ويندڙ انڊين ايئر لائين جي مسافرجهاز کي ٽن هائيجڪرن اغوا ڪيو. هائيجڪرن ۾ مولانا مسعود اظهر جو ڀاءُ به شامل هو
هائيجيڪر جهاز اغوا ڪري سڌو ڪابل کڻي ويا، ان وقت افغانستان ۾ ملا عمر جي حڪومت هئي، جهاز ۽ ان جا مسافر 8 ڏينهن يرغمال رهيا، شديد دٻاءُ بعد ڀارت هائيجڪرن جي مطالبي تي مولانا مسعود اظهر سميت ٽن قيدين کي آزاد ڪري ڪابل پهچايو.
هڪ سال بعد آڪٽوبر 2001ع ۾ والاريل ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي مٿان خود ڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا، انهي حملي جو ذميوار جيش محمد کي قرار ڏنو ويو .ٻن مهينن بعد ڊسمبر ۾ دهلي ۾ هندستاني پارليامينٽ جي عمارت مٿان حملو ڪيو ويو، جنهن جي ذميواري جيش محمد قبول ڪئي، ان بعد هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي، ٻنهي ملڪن جون فوجون آمهون سامهون اچي ويون. ڀارت مولانا مسعود اظهر جي نالي کي عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي اداري ۾ ڪيس رکيو. ان دوران پاڪستان مولانا مسعود اظهر کي گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. پر هڪ سال بعد لاهور جي عدالت ثبوت نه هجڻ جي ڪري مسعود اظهر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. نائين اليون کانپوءِ پاڪستان جڏهن هڪ نئين جنگ ۾ شامل ٿي چڪو هو ته مسعود اظهر خاموشي اختيار ڪئي ۽ هن پاڻ کي ميڊيا ۽ عوام کان پري ڪري ڇڏيو،هن جي تنظيم والاريل ڪشمير ۾ ئي ڪارروايون ڪندي رهي. 2016ع ۾ والاريل ڪشمير ۾ هڪ فوجي اڏي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 7 هندستاني فوجي مارجي ويا، هندستان ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به صورت ۾ عالمي سطح تي مولانا مسعود اظهر کي دهشتگرد قرار ڏياري پر چين ان ۾ وڏي رڪاوٽ رهيو آهي.
هن وقت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل باجوه جو چوڻ آهي ته ڪشمير مسئلو هن خطي جي ترقي اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهي. ملڪ جو وزير اعظم عمران خان چوندو رهيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل ڪندڙ اڳواڻن کي نوبل امن ايوارڊ ملڻ گهرجي. پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي ته ستن ڏهاڪن جي مائينڊ سيٽ کي به چئنج ڪرڻو پوندو. عوام کي ٻڌايو وڃي ته جنگ نه امن سان ئي ترقي ڪري سگهون ٿا.ڪشمير جو مسئلو مستقبل قريب ۾ حل ٿيندو يانه، پر اڪثر ماڻهن سالن کان پنهنجن دڪانن جي ڀتين تي لکي ڇڏيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل ٿيڻ تائين اوڌر بند آهي. ان جملي جو شايد مقصد اهو آهي ته عام ماڻهو سمجهن ٿا ته نه ڪشمير جو مسئلو حل ٿيندو نه ئي اسان ڪنهن کي اوڌر ڏينداسين.