ڪراچي(ڪامرس نيوز) اوپن مارڪيٽ ۾ دنيا جي اهم ڪرنسين جي قيمت برقرار رهي، ڪويتي دينار سڀ کان مهانگو 922 رپيا 5 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو. ڪالهه انٽربينڪ مارڪيٽ بند هجڻ باوجود اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جي قيمت 283 رپيا 75 پئسا برقرار رهي برطانوي پائونڊ جي قيمت ۾ 30 پئسن جو اضافو ٿيو ۽ قيمت 378 رپيا 50 پئسا مان وڌي 378 رپيا 80 پئسا ٿي وئي. ڪيناڊين ڊالر 205 رپيا 50 پئسا، چيني يئان 37 رپيا 99 پئسا، جاپاني ين 2 رپيا هڪ پئسو رهيو. يورو جي قيمت ۾ 15 پئسن جو اضافو ٿيو ۽ نئين قيمت 318 ريپا 50 پئسا مان وڌي 318 رپيا 65 پئسا ٿي وئي. سعودي ريال 75 ريپا 70 پئسا، اماراتي درهم 77 رپيا 45 پئسا، ملائيشين رنگٽ 65 رپيا 55 پئسا ۽ ڀارتي رپيو 3 رپيا 28 پئسا برقرار رهيو. بحريني دينار جي وڪري جي قيمت 756 رپيا 5 پئسا، ڪويتي دينار 922 رپيا 5 پئسا ۽ اوماني ريال 741 رپيا 15 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.