اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان مريد شاخ گڊو لنڪ روڊ تي رات جو دير سان هٿياربندن ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڪار نه بيهارڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور عابد حسين مارجي ويو، جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي ويا، مارجي ويل ڪار ڊرائيور جو مڙهه سول اسپتال اوٻاوڙو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس پريس رليز جاري ڪندي چيو آهي ته مريد شاخ واقعي کان پوءِ لٺاڻي گينگ، ميراڻي ۽ سولنگي گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو، آپريشن مغوين جي بازيابي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين جاري رکيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس اصلي ڏوهارين تائين پهچي ناهي سگهي، ڪجهه پڪي طرف ڏوهارين جي سهولتڪاري الزام ۾ ڪجهه ماڻهن جا گهر ڊاهي واپس موٽي آئي آهي، آخري اطلاعن تائين ڊرائيور جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.