اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ڀرسان هٿياربندن جو هوٽل تي حملو، فائرنگ ۾ هوٽل مالڪ قتل، واقعي بعد هٿياربند فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب مريد شاخ ۾ کنڀڙا ٿاڻي جي حد جي ڪي شگر مل ڀرسان گذريل رات دير سان اڻڄاتل هٿيار بندن هوٽل تي حملو ڪري هوٽل مالڪ امام بخش کنڀڙو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربن فرار ٿي ويا، اطلاع تي کنڀڙا پوليس پاقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر ناهين ڪنهن اسان جي حمراهه کي بيگناهه قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته هر رخ کان جاڇ ڪئي پئي وڃي جلد اصل جوابدارن تائين پهچي وينداسين، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.