اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) ايريگيشن عملي جي نااهلي سبب ڏهر واھ کي هڪ مهيني اندر ٻيون ڀيرو ساڳي آرڊي 34 وٽ 50 فوٽ گهارو پئجي ويو، ونئڻن، ڪمند ۽ جوئر جا سوين  ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، ٽن ڪلاڪن کان پوءِ به ايريگيشن عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو، ڀرپاسي وارا ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صابر رند، ذوالفقار رند ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏهر واھ ۾ پاڻي اڃا پهتو ئي مس ته واهه کي گهارو پئجي ويو آهي. واھ جا ڪپر ڪمزور آهن. اسان پهرين به ايريگيشن انجنيئر خورشيد احمد کوکر کي بار بار شڪايتون ڪيون ته ڏهر واھ جا ڪپر ڪمزور آهن، ان جي باوجود آبادگارن ۽ علائقي واسين جي دانهن تي توجهه نه ڏنو ويو، جنهن جي ڪري اڄ اسان جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي. گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل ٻڏي ويا آهن. آبپاشي کاتي نقصان جو ازالو نه ڪيو ته سندن خلاف عدالتن جو در کڙڪايو ويندو. هنن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اريگيشن انجنيئر خورشيد کوکر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين گهارو بند نه ٿي سگهيو هو، جنهن ڪري ڀرپاسي وارا ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.