اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ويجهو قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر، هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي اجل جو شڪار، هڪ عورت زخمي، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار، تفصيل موجب قومي شاهراهه تي الائنس شگرمل سامهون مڏ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار هڪئي گهر جا 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي، حادثي جي فوتين ۾ مسمات زاهده رند، سندس نوجوان پٽ احسن رند ۽ پوٽي عائشا رند شامل آهن، سمورا گهر ڀاتي اوٻاوڙو جي مسلم ڪالوني جا رهائشي هئا، ٽنهي فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي پنهنجي اباڻي گهر کڻائي ويا، هڪ ئي گهر مان 3 جنازا کڄڻ وقت گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، حادثي بعد ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.