اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ويجهو ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، عورت ۽ معصوم ٻارڙي سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ زخمي، فوتين جو تعلق ڳڙهي چاڪر سان هو، لاش وارثن حوالي، خبر موجب قومي شاهراهه تي چوڪ ماڙي وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مرد، هڪ عورت ۽ معصوم ٻارڙو موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، آس پاس جي ماڻهن ۽ پوليس پهچي ٽنهي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال اوٻاوڙو آندو، جتي فوتين جي سڃاڻپ مسمات شهناز بوزدار، 3 سالا نينگر مدثر بوزدار ۽ آچر مهر طور ڪئي وئي، جڏهن ته عبدالشڪور بوزدار زخمي ٿي پيو، فوتين جو تعلق ميرپور ماٿيلو جي ڳوٺ ڳڙهي چاڪر سان ٻڌايو پيو وڃي، اطلاع تي وارثن اوٻاوڙو پهچي لاش ضروري ڪارروائي بعد وصول ڪيا، هوڏانهن ٽرالر ڊرائيور کي اوٻاوڙو پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.