اوٻاوڙي لڳ پسند شادي تان رستي ويندڙن تي حملو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

0
24
اوٻاوڙي لڳ پسند شادي تان رستي ويندڙن تي حملو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي
اوٻاوڙي لڳ پسند شادي تان رستي ويندڙن تي حملو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو لڳ پسند جي شادي تان هٿياربندن جو رستي ويندڙن تي حملو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب مريد شاخ ۾ دشتي برادري جي هٿيار بندن سولنگي برادري جي رستي ويندڙ موٽر سائيڪل سوارن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سولنگي برادري جو هڪ ڄڻو انور سولنگي ٿڏي تي قتل ٿي  ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو ساجد سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي ۽ مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي ساجد سولنگي کي رحيميارخان اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي جو چوڻ هو ته هڪ سال اڳ اسان جي ناري کي دشتي برادري جي ماڻهن ورغلائي پسند جي شادي لاءِ کڻي ويا هئا، ناري کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جتي هن وارثن جي حق ۾ بيان ڏنو، جيڪي اسان کي واپس ملي وئي هئي، اهڙو ڪيس به هلندڙ هو، اسان تي رستي ويندين دشتي برادري جي ماڻهن  غلام علي دشتي، غازي دشتي ۽ ٻين حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ اسان جو هڪ ماڻهو قتل ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئا.