اوٻاوڙو ۾ دڪاندار جو ملازم تي وڳو چوري الزام ۾ تشدد، جتين جا هار پارائي تذليل، گرفتار

0
33
اوٻاوڙو ۾ دڪاندار جو ملازم تي وڳو چوري الزام ۾ تشدد، جتين جا هار پارائي تذليل، گرفتار
اوٻاوڙو ۾ دڪاندار جو ملازم تي وڳو چوري الزام ۾ تشدد، جتين جا هار پارائي تذليل، گرفتار

اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙي وچ شهر شهيد بازار ۾ ڪپڙي جي دوڪاندار وحيد ملڪ دوڪان تي ڪم ڪندڙ 18 سالا فرحان ملڪ تي وڳي چوري جو الزام مڙهي پٽن مسرور ملڪ ۽ اڪرم ملڪ سان گڏجي کيس زنجيرن ۾ جڪڙي جتين جا هار پارائي بازار ۾ تذليل ڪئي، جڏهن ته ڪنهن به شهري کي ترس نه آيو ۽ ڪنهن به  ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، اهڙي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن وحيد ملڪ ۽ سندس پٽ مسرور ملڪ  کي گرفتار ڪري ورتو ۽ هڪ ڄڻو اڪرم ملڪ پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو  آهي، تذليل جو نشانو بڻيل فرحان ملڪ جي والد جي فرياد تي اوٻاوڙو ٿاڻي تي اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن اکين ڏٺن شهرين ٻڌايو ته نوجوان مٿان دوڪاندار وڳي چوري الزام هيٺ افسوس ناڪ تشدد ڪيو، فرحان ملڪ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته دوڪان تي چئن سالن کان ڪم ڪندو آهيان، گذريل ڏينهن ضروري ڪم سبب دوڪان تي نه آيو هيس، دوڪان مالڪ مون مٿان ڏمريل هو، جنهن ڪري الزام هڻي تذليل جو نشانو بڻايو.