اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو پوليس پاران مبينا مقابلي بعد هڪ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ڳجهو اطلاع مليو ته ڏوهاري هڪ مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا آهن، جنهن دوران ڪارروائي ڪري مقابلي بعد هڪ مغوي کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس موجب مغوي جي سڃاڻپ ڏهرڪي واسي ساجد آرائين طور ڪئي وئي، جيڪو چار ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي  هرکجي اغوا ٿي ويو هو، معُي کي بعد ۾ وارثن حوالي ڪيو ويو.