اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو پوليس چوڪ ماڙي ۽ کنڀڙا ۾ منشيات فروشن خلاف ڪاررائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڪيترائي گهر ۽ شارب جون بٺيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ڊي ايس پي اوٻاوڙو جي اڳواڻي ۾ 15 ٿاڻن جي پوليس منشيات فروشن جي گهرن تي چڙهايون ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 15 گهرن سميت ڪچي شراب جون ڪيتريون ئي بٺيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي جري رکي ويندي.