اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ويجهو  ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جي ڪوشش، ان ڏس ۾  ڳوٺ شمش ڇپري ۾ رات جو دير سان جوابدار رميش اوڏ  پنهنجي ڀاءُ  سترادم داس اوڏ مٿان فائر ڪرڻ کان پوءِ کيس مٿي ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد  پنهنجي گهر اندر ڳجھه ڳوهه ۾ قبر کوٽي لاش دفنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اطلاع تي پوليس پهچي وئي، پوليس جوابدار رميش اوڏ  کي گرفتار ڪري ورتو ۽ لاش کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف پوليس موجب ته   جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهر ۾ 2 ڀائر رهندا هئا، خبر ناهي ته ڪهڙي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو،   هوڏانهن پاڙيسرين موجب ته  رات جو دير سان گهر اندر هڪڙو فائر ٿيو، اسان وڃي   پڇا ڪئي ته قتل ٿي ويل جي ڀاءُ رميش چيو ته گهر ۾ نانگ هيو جيڪو فائر ڪري ماريو آهي، ٻي طرف  ايس ايچ او اوٻاوڙو منصور هتار موجب ته گرفتار جوابدار  رميش ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته  رات جو ڀاءُ سان ڪنهن ڳالهه تان منهن ماري ٿي، جنهن تان ڪاوڙ ۾ اچي ڀاءُ کي ماري ڇڏيو آهي.