اوٻاوڙو(ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو نارو واهه ڀرسان ڳوٺ سانوڻ ٻنڀ ۾ ننڊي ڀاءُ هاشم هٿان وڏو ڀاءَ 30 سالا محمد عظيم کي گهرو اڻبڻت تان پسٽل جو فائر ڪري مبينا قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو ڳولا جاري ڪري ڇڏي. هوڏانهن وارث امڙ مسمات ڀاڳل موجب ته منهنجو پٽ نشئي هيو جيڪو نشو ڪندو معمولي ڳاله تان ننڊي ڀاءَ هاشم وڏي ڀاءَ محمد عظيم مٿان پسٽل جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي ڳولا جاري آهي جوابدار کي جلد گرفتاري ڪيو ويندو .