اوٻاوڙو(رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ويجهو پراڻي دشمني تان ڪار سوارن جي ڳالهيون ڪري موٽندڙن تي حملو، فائرنگ ۾ همراهه قتل، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب قومي شاهراهه ٽول پلازا وٽ ڪار سوار هٿياربندن حملو ڪري موٽر سائيڪل سوار تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ڏهرڪي واسي هڪ ڄڻو سڪندر علي گرگيج ٿڏي تي مارجي ويو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارث عبدالخالق گرگيج جو چوڻ هو ته هڪ سال اڳ مخالف ڌر جو هڪ ماڻهو قتل ٿيو هو، جنهن جو بي بنياد شڪ اسان جي ماڻهن تي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪالهه اسان جون ڊي ايس پي عبدالقادر سومرو وٽ ڳالهيون رکيل هيون، جتان اسان ڳالهيون ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ چوڌري اشرف ڏهرڪي طرف وڃي رهيا هياسين ته ٽول پلازا وٽ ڪار سوار فدا حسين گرگيج، رياض گرگيج، بلاول گرگيج ۽ ميرو گرگيج اسان جي نوجوان مٿان سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن اوٻاوڙو پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي پويان ويل آهيون، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.