اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو واسي نوجوان مامي جي گهر ۾ ڪارو پٿر کائي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، خبر موجب اوٻاوڙو جي ڪياقت آباد واسي نوجوان وقاص ملڪ گهوٽڪي ۾ پنهنجي مامي جي گهر ۾ مهمان ٿي ويو هو جتي هن گهر اندر ڪارو پٿر کائي مبينا زندگي جو آنت آڻي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان وقاص ملڪ هڪ ڏينهن اڳ اوٻاوڙو کان گهوٽڪي پنهنجي مامن جي گهر پرڻيل ڀيڻ کي وٺڻ لاءِ ويو هو، جتي معمولي ڳالهه تان ڪاوڙجي هن ڪارو پٿر کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، نوجوان کي مامن سکر اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ تصديق هئي. نوجوان جو لاش گهر اوٻاوڙو آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ اهي به چو ٻول آهن ته نوجوان وقاص ملڪ پنهنجي مامي جي ڌيءُ کي پسند ڪندو هو، جنهن تان ناري جا وارث مٿس ڪاوڙيل هيا، گذريل ڏينهن وقاص ملڪ سان منهن ماري به ڪئي هئي، جن کاڌي پيتي واري جي شئي ۾ زهر ڏئي کيس ماريو آهي.