اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو جي ايڊيشنل سيشن جج قمرالدين عباسي جي عدالت جوابدار اربيلو ڪوش کي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاسي ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ 4 سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان اظهر علي ڪوش کي قتل ڪيو هو، جنهن جي فرياد کنڀڙا ٿاڻي تي عبدالخالق جي فرياد تي جوابدار اربيلو ڪوش مٿان داخل ڪيو ويو هو، اتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عدالت ڦاسي ۽ 2 لک ڏنڊ سزا ٻڌائي.