اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو لڳ رائونتيءَ جي ڪچي واري علائقي ٻيلو رائونتي ۾ هڪ ڏينهن اڳ گهوٽڪي پوليس هٿان مقابلي ۾ مارجي ويل بدنام ڌاڙيل سلطو شر ۽ سندس ساٿي عيسو شر جا لاش 24 ڪلاڪن بعد وارث عورتن حوالي ڪيا ويا. گذريل ڏينهن مارجي ويل ڌاڙيلن جون وارث عورتون تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهتيون. پوليس سلطو شر جو لاش سندس ڀاڄائي مسمات سڪينه شر ۽ عيسو شر جو لاش سندس ڀيڻ مسمات زينت شر حوالي ڪيو. ڏوهارين جي مارجڻ بعد ڌاڙيلن جي امڪاني حملي کي منھن ڏيڻ لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو پاران رائونتي شھر ٻاهران ڪچي واري علائقي جي بندن تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس جي لهر پکڙيل آهي. ھوڏانھن ايس ايچ او رائونتي محمد ايوب ڊوگر جي فرياد تي سلطان عرف سلطو شر ۽ عيسو شر ۽ 2 نامعلوم سميت 4 جوابدارن مٿان رائونتي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.