ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيوچالي ۾ اربين رپين جي جائداد جي تڪرار واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار جي وڪيل غلام حسنين موقف اختيار ڪيو ته ديوداس بلڊنگ اويڪيو ٽرسٽ جي  ملڪيت آهي، ان کي ڪو فرد واحد وڪرو نٿو ڪري سگهي، اهڙيون ملڪيتون 1947ع ۾ ڀارت مان هجرت ڪري آيل شهرين کي ڪليمز ۾ ڏنيون وينديون آهن، هن ڪيترائي ماڻهو انهي عمارت جي مالڪي جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏنا ته اهو معاملو پهرين حڪومت ۽ ڪابينا وٽ ويو، انهي کانپوءِ هاءِ ڪورٽ وٽ پهتو، پهرين عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته اها درخواست ٻڌڻي لائق آهي يا نه؟ عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي