سکر: ايم پي اي فرخ شاهه جي گرفتاري دوران صوبائي وزير اويس قادر شاهه ۽ پ پ جيالا وڏي تعداد ۾ موجود هئا. نيب طرفان فرخ شاھ کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ عدالتي احاطي ۾ ئي جيالن يا اللھ يا رسول فرخ شاھ بي قصور، نيب گردي نا منظور، نيب جي غنڊا گردي نا منظور، پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ ۽ فرخ شاھ توڙي پارٽي حمايت ۾ زورداري نعريبازي ڪئي وئي، پوليس جيالن کي نعريبازي کان روڪيندي رھي پر اِن باوجود جذباتي ڪارڪنن زوردار نعريبازي جاري رکي.