ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين (اوور سيز )اپريل مهيني ۾ 3.2 ارب ڊالر موڪليا، اها رقم گذريل سال جي ساڳئي عرصي کان 13.1سيڪڙو وڌيڪ هئي، جڏهن ته گذيل 10 مهينن دوران 31.2 ارب ڊالر ڏيهه پهتا، سعودي مان 72.5 ۽ گڏيل عرب امارتن مان 65.75 ڪروڙ ڊالر پهتا.